قاهره-06 ڊسمبر (اي پي پي)مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي فلسطين تڪرار جي ٻه رياستي حل ۽ آزاد فلسطيني رياست جي قيام لاءِ ڪوششون اڳيان وڌائڻ جي ضر??رت تي زور ڀريو آهي،ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن قبرص جي صدر نيڪوس ڪرسٽو ڊولائيڊز سان ملاقات دوران هن چيو ته اوڀر بيت المقدس ۾ آزاد فلسطيني رياست ئي خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي، ت??قي ۽ خوشحالي ذريعي ثابت ٿي سگهي ٿي. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته ان سلسلي ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀالي، سندس ملڪ فلسطيني رياست جي قيام لاءِ عالمي برادري ۽ سمورين ڌرين سان سهڪار لاءِ تيار آهي،مصري ايوان صدر جي ترجمان مشير احمد فهمي ??ڌا??و ته ملاقات دوران علائقائي صورتحال خاص ڪري غزه ۾ وڌنڌڙ ڇڪتاڻ ۽ غزه ۾ مستقل جنگ بندي تا??ين پهچڻ لاءِ ڪوششون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، قبرص جي صدر غزه ۾ صورتحال کي پرسڪون ڪرڻ لاءِ مصر جي ڪوششن جي تعريف ڪئي.
آزاد فلسطيني رياست جي قيام تائين خطي ۾ دير پا امن جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي: مصر
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados