??يو??ارڪ – 21 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۾ تڪرارن، جنگ، غربت، اڻبرابري، مذهبي عدم برداشت ۽ موسمياتي تبديلي جي عالمي چيلنجن کي ??جاگر ڪندي جنگ سبب تباهه غزه ۾ فلسطينين جي مسئلن جي خاتمي لاءِ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي. ??يو??ارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ آفيس ۾ نوروز جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد هڪ خاص تقريب کي ??طاب ڪندي سفير منير اڪرم چيو ته نوروز رڳو جشن جو نالو ناهي، اهو عڪاسي جو وقت آهي. هن چيو ته ان موقعي تي اچو فلسطين ۾ پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کي ياد ياد ڪريون جيڪي جاري الميي ۽ تڪرارن کي ??رداشت ڪري رهيا آهن، ڇو جو اسان سڀني لاءِ امن ۽ انصاف جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون. ان خاص تقريب جو اهتمام افغانستان، آذربائيجان، ڀارت، ايران، عراق?? قازخستان، ڪرغزستان، پاڪستان، تاجڪستان، ترڪي، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان طرفان ڪيو ويو. سفير نوروز جي روح کي ??يان ڪرڻ لاءِ ان موقعي تي مشهور پاڪستاني شاعر ناصر ڪاظمي جي شعرن جو حوالو ڏيندي ان کي ??ميد، خوشي ۽ برڪت جو تهوار قرار ڏنو. منير اڪرم پاڪستان جي وزيراعظم جي پيغام جو حوالو ڏيندي نوروز ملهائيندڙن کي مبارڪون پيش ڪيون. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ نوروز کي ??قافتي هم آهنگي ۽ اتحاد کي هٿي ڏيڻ جو هڪ موقعو قرار ڏنو آهي. هن نوروز ملهائيندڙ ڪميونٽيز طرفان بهتر پاڪستان جي تعمير لاءِ سهڪار تي ٿورو مڃيو. پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ورثي جي عڪاسي ڪندي سفير نوروز ۽ سنڌ جي وادي جي قديم تهذيب وچ ۾ تعلق جو اظهار پڻ ڪيو. سفير نوروز جي جشن ذريعي ا??ن، يڪجهتي ۽ مفاهمت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڏنو.
عالمي نوروز ڏهاڙي تي گڏيل قومن ۾ خاص تقريب، پاڪستان جو غزه ۾ فلسطينين لاءِ انصاف جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔