ڍاڪا -08 آگسٽ (اي پي پي ) بنگلاديش ج?? نوبل انعام يافته معاشي ماهر ۽ بينڪر ڊاڪٽر محمد يونس عبور?? حڪومت جي سربراهه طور حلف کڻڻ لاءِ پيرس کان وطن واپس روانو ٿي ويو. انڊيا ٽو ڊي جي رپورٽ موجب 84 س??لن جو محمد يونس علاج لاءِ فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ موجود هيو. بنگلاديش ج?? فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر محمد يونس جي سربراهيءَ ۾ عبور?? حڪومت حلف کڻندي. وطن واپسي جي روانگي کان اڳ پيرس جي چارلز ڊي گال هوائي اڏي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر محمد يونس چيو ته بنگلاديش ج?? صورتحال کان آگاهه آهيان ۽ وطن واپس روانو ٿي رهيو آهيان. هن چيو ته ملڪ کي موجوده صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ ??ڪمت عملي جوڙڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. رپورٽ موجب بنگلاديش ۾ عوامي احتجاج جي نتيجي ۾ اقتدار ڇڏي ڀارت ويل اڳوڻي وزيراعظم حسينه واجد ۽ ڀارت?? حڪومت ۾ موجود سندس خير خواهه ڪنهن يورپي ملڪ ۾ سياسي پناهه جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
بنگلاديش جي صورتحال کان آگاهه آهيان: ڊاڪٽر محمد يونس
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر