اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ ميمبرن ۽ بلدياتي ادارن جي چونڊيل نمائندن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن، ترقياتي ڪمن ۾ بلدياتي ادارن جو ڪردار اه?? نوعيت جو هوندو آهي، پاڪستان ۾ سياستدان ۽ پارليامينٽ ميمبر ترقياتي ڪمن کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهن، بلدياتي ادارا پاڪستان ۾ سياستدانن جي لاءِ نرس??ي جي حيثيت رکن ٿا. پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۾ بلدياتي ادارن جو ڪردار جي موضوع تي عا??مي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پائيدار ترقي جي لاءِ پارليامينٽ ميمبرن، بلدياتي نمائندن ۽ وسيلن ۽ ترجيحن ۾ توازن برقرار رهڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی