اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن پي ٽي وي سميت قومي ادارن کي سياسي ڀر??يو?? ڪري تباهه ڪيو آهي، اسان سڀني قومي ادارن کي سڌارن جي ذريعي ترقي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. تحريڪ انصاف پي ٽي وي ۾ هڪ به ڀرتي نه ڪئي، ٽي وي چئنلن جي مالڪ?? سان طئي ٿيل فارمولي تحت انهن جي رهتن جي باقي رقم به ايندڙ هڪ هفتي ۾ ادا ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران چوڌري محمد برجيس طاهر جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ميڊيا جي بقايائن جي حوالي سان ٽن قسمن جا بل هئا جنهن ۾ پي??لزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ جي دور جي ٻ?? سالن جي بلن باب?? مالڪ?? سان ڳالهيون ٿيون آهن، اسان آخري ٻ?? سالن جي بلن جي ادائيگي جو فيصلو ڪيو، ڪل رقم هڪ ارب 15 ڪروڙ روپيا بڻجندي هئي جنهن مان اڌ ادا ڪئي وئي ۽ بقايا رقم ايندڙ هڪ هفتي ۾ ادا ڪئي ويندي، هن چيو ته علائقائي اخبارن کي اشتهارن جي فراهمي جي حوالي سان نئون ميڪنزم ٺاهيو پي?? وڃي، جنهن جا تفصيل سامهون آندا ويندا.
ماضي جي حڪومتن پي ٽي وي سميت قومي ادارن کي سياسي ڀرتيون ڪري تباهه ڪيو آهي: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد