اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ن ليگ ماضي ۾ سدائين ڌان??لي ۽ فراڊ سان اليڪشن مينج ڪيا، مخا??ف ڌر جا دليل (ن) ليگ جي ننڍي ذهنيت جو عڪاس آهن، اهي سمجهن ٿا ته اليڪشن کٽڻ جو پيدائشي حق به اهي ئي رکن ٿا، جيڪي اعتراض اٿاريا ويا اهي (ن) ليگ جي مائينڊ سيٽ تي ٻڌل هئا، مخا??ف ڌر جي وڪيل جي دليلن ۾ ڪو به ثبوت نه هو، 2013ع ۽ اڄ جي اليڪشن ڪميشن ۾ فرق آهي، اهي ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ لاءِ پئسو لڳائيندا آهن، مخا??ف ڌر جي منافق رويي تي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي خاص مددگار ??ثم??ن ڊار ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي اسجد ملهي سان گڏ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي دوران مخا??ف ڌر جي وڪيل مفروضن جي بنياد تي اعتراض اٿاريا، اهي اليڪشن کٽڻ کي پنهنجو پئداشي حق سمجهن ٿا، انهن جي دليلن ۾ ڪو به ثبوت نه هو ۽ نه ئي ڪو دليل. هنن جيڪي نقطا اٿاريا ان سان مسلم ليگ (ن) جي مائينڊ سيٽ جي عڪاسي ٿئي ٿي، هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ماضي ۾ سدائين ڌئونس، ڌان??لي ۽ فراڊ جي ذريعي اليڪشن مينج ڪيو، اهي اليڪشن ۾ هر شيءَ کي جائز سمجهندا آهن، وفاقي وزير چيو ته ڪنهن جي خواهشن تي پوري تڪ ۾ اليڪشن نٿو ڪرائي سگهجي، جن پولنگ اسٽيشنن تي اعتراض ناهي ته اتي اليڪشن ٻيهر ڇو ڪرايو وڃي، اليڪشن عوام جي ٽيڪس جي پئسن سان ٿيندو آهي، وفاقي وزير چيو ته اسان چونڊ ڌان??لي جي خلاف 2013ع ۾ پنهنجي جدوجهد جو آغاز ڪيو، ان وقت جي اليڪشن ڪميشن ۽ اڄوڪي اليڪشن ڪميشن ۾ فرق آهي، اڄ اليڪشن ڪميشن تي ڪو به دٻاءُ نه آهي، هي خودمختيار ادارو آهي.
ن ليگ ماضي ۾ سدائين ڌانڌلي ۽ فراڊ سان اليڪشن مينج ڪيا: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی