اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته اسان جي اليڪٽرانڪ و??ٽن?? مشين سان ڪاغذ جو بيلٽ پيپر به موجود آهي ۽ ان جو نظام فلپائن جي چونڊن ۾ استعمال ٿيندڙ اليڪٽرانڪ مشين کان وڌيڪ بهتر آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فلپائن ۾ اليڪٽرانڪ و??ٽن?? مشين جي چونڊن ۾ استعمال جي تاريخ بابت انگ اکر انتهائي اهم آهن، هن چيو ته اليڪٽرانڪ و??ٽن?? مشين جي استعمال سان ووٽرن جي اعتماد ۾ اضافو، اليڪشن پٽيشنز، قتل ۽ تشدد ۾ نمايان گهٽتائي وا??ع ٿي. انگن اکرن موجب فلپائن ۾ 2007ع جي چونڊن ۾ روايتي ڪاغذ جي ذريعي و??ٽن?? جي نظام سان 6 هفتن کانپوءِ چونڊن جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته 2010ع ۽ 2019ع ۾ اليڪٽرانڪ و??ٽن?? مشين جي استعمال جي ذريعي و??ٽن?? ختم ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ نتيجن جو اعلان ڪيو ويو. فلپائن ۾ 2007ع ۾ 35 سيڪڙو ماڻهو ان تي اعتماد ڪندا هئا جڏهن ته 2010ع ۽ 2019ع ۾ اعتماد جي اها سطح 75 سيڪڙو ۽ 89 سيڪ??و تائين پهچي وئي. 2007ع جي چونڊن کانپوءِ چونڊن کي چئلينج ڪرڻ جي لاءِ هڪ هزار پٽيشنز داخل ڪيون ويون جڏهن ته 2010ع ۾ 49 ۽ 2019ع جي چونڊن ۾ 11 پٽيشنز داخل ڪيون ويون. صدر چيو ته پاڪستان ۾ به اهڙي تبديلي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿيندي. اسان وٽ و??ٽن?? مشين سان گڏ ڪاغذ جو بيلٽ پيپر به موجود آهي ۽ اسان جو نظام ان سان به وڌيڪ بهتر آهي.
اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان ڪاغذ جو بيلٽ پيپر به موجود آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت