اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪووڊ – 19 جي عالمگير وبا ۽ عالمي سطح تي 10 سالن جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي سميت ٻين معاشي چئلينجن جي باوجود پائيدار ترقي جي 5.37 سيڪڙو شرح حڪومت جي ڪاميابي آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه م??هي ۾ روانگي واپار، ??يڪس وصولي، جن??ن جي پيداوار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مالي سال جي پهرين ٽه م??هي ۾ آءِ ٽي روانگي واپار 35.8 سيڪڙو، ايف بي آر ٽيڪس وصولي 32.4 سيڪڙو، اسٽيٽ بئنڪ ريز??ر 31.8 سيڪڙو، ٽيڪسٽائيل روانگي واپار 26 سيڪڙو، سروسز روانگي واپار 20.4 سيڪڙو، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 13.3 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته ڪپهه، چانور، ڪڻڪ، ڪمند ۽ مڪئي جي فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سان آبادگارن وٽ اربين روپين جي اضافي آمدني ٿي آهي ۽ آبادگارن جي خريدا??ي ??ي سگهه ۾ اضافو ٿيو آهي.
ڪووڊ – 19 جي عالمگير وبا ۽ ٻين معاشي چئلينجن جي باوجود پائيدار ترقي جي 5.37 سيڪڙو شرح حڪومت جي ڪاميابي آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل