اسلام آباد – 26 ج??وري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آبا?? پوليس جي اهلڪارن ۽ ??نو?? ۾ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي سپاهي ج?? گهرڀاتين سان ٽيليفون تي رابطو ڪري تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر جي – 8، اسلام آباد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ اسلام آبا?? پوليس جي هيڊ ڪانسٽيبل منور حسين جي پونئيرن سان ٽيليفون تي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ان کانسواءِ صدر 13 جنوري تي ??نو?? ۾ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي سپاهي سرفراز علي ج?? وارثن س??ن پڻ ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. صدر عارف علوي شهيدن کي قوم جي لاءِ قرباني ۽ خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل