اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عالمي برادري ڀارت پاران فصائي حدن جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺي، هندستان کي ان حرڪت لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو، نئين دهلي جي وضاحت کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جو فيصلو ڪنداسين. پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اهو ٻيو ڀيرو اس??ن جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ٿي آهي، ان کان پهرين ماضي ۾ به 26 فيبروري تي ڀارت جارحيت ڪئي هئي ۽ پاڪستان ان کي مناسب ۽ وقت سر جواب ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته اس??ن ان حرڪت کي ڀارت جي ٽيڪنيڪي ناڪامي چئون، جارحيت چئون يا بدنيتي چئون. پاڪستان 2019ع ۾ به مدبراڻو رد عمل ڏنو، هن چيو ته هندستان جي حرڪت افسوسناڪ آهي، عالمي برادري کي ان حرڪت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن ان حرڪت سان معصوم جانين کي خطري ۾ وڌو آهي ايوي ايشن اٿارٽيز کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. سعودي ايئر لائين جو جهاز، قطر ۽ پاڪستان جون ڊوميسٽڪ اڏامون نشانو بڻجي سگهيون ٿي ۽ معصوم ماڻهو نشانو بڻجي سگهيا ٿي، اس??ن فيصلو ڪيو آهي ته پي 5 ملڪن جي نمائندن کي پرڏيهي وزارت ۾ دعوت ڏئي، کين سڄي صورتحال کان آگاهه ڪريون، هن چيو ته اس??ن کي اميد آهي ته عالمي برادري ان جو نوٽيس وٺندي، هندستان کي ان حرڪت لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو، هندستان جي وضاحت کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جو فيصلو ڪنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته اس??ن جارحيت جا قائل نه آهيون، پر دف??ع اس??ن ڪالهه به ڪيو هو ۽ آئنده به ڪنداسين. اڀينندن جي چانهه اڃان ٿڌي ناهي ٿي لڳي ٿو ته کيس ٻيهر ضرورت ٿي رهي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته هندستان جو رويو انتهائي غير ذميداراڻو آهي، هندستان کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، ڀارت 26 فيبروري 2019ع تي جارحيت ڪئي، حقيقتون سڀني جي سامهون اچي ويون، پر دنيا مصلحتن خاموش رهي، هن چيو ته اس??ن هندستان طرفان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي جا ٺوس ثبوت هڪ ڊوزيئر جي ذريع?? عالمي برادري جي سامهون رکيا، اس??ن ڀارت جو اصلي چهرو دنيا جي سامهون بي نقاب ڪيو، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اس??ن جارحيت جا حامي نه آهيون، اس??ن هندستان سميت پنهنجي پاڙيسرين سان بهترين لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، پر هندستان جو رويو ته ڏسو؟ والاريل ڪشمير ۾ ڏاڍ ۽ تشدد جو سلسلو عروج تي آهي، سامونڊي ۽ دف??عي حدن جون خلاف ورزيون سڀني جي سامهون آهن، جڏهن ته ٻي طرف پاڪستان جو رويو سدائين مصالحاڻو ۽ مدبراڻو رهيو پر دف??ع اس??ن جو حق آهي ۽ دف??ع لاءِ پوري قوم تيار آهي.
عالمي برادري ڀارت پاران فصائي حدن جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز