اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پا??ستان کي متعدي ۽ غيرمتعدي بيمارين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بيمارين کان بچاءُ ۽ بيماري جي جلد تشخيص جي لاءِ هڪ جامع صحت جي نظام جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صحت جي جامع نظام سان ماڻهن کي صحت جون بهتر سهولتون ملنديون ۽ ان سان مليڪ صحت جي نظام تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پ??وف??سر چارلس ٽوورٽ جي سربراهي ۾ برطانيا جي رائل ڪاليج آف فزيشنز جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته صحت جي نظام جي معيار ۾ بنيادي تبديلي آ??ڻ جي لاءِ رائل ڪاليج آف فزيشنز برطانيا سان تعاون مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ان تعاون جي نتيجي ۾ پا??ستان جي ماڻهن کي جديد ترين صحت جون خدمتون فراهم ڪرڻ ۽ صحت جي عالمي اداري جي 2030ع جي هدفن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پا??ستان جي صحت جي شعبي ۾ اداراجاتي صلاحيت ۽ سگهه پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اداراجاتي سگهه ۾ اضافي سان اعليٰ تعليم يافته ۽ تربيت يافته انساني وسيلن کي برقرار رکڻ، صحت جي شعبي ۾ افرادي قوت جي شديد کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پا??ستاني ڊاڪٽرن کي پا??ستان واپس راغب ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايم آر سي پي امتحان ميڊيڪل شاگردن جي لاءِ طبي معائني، مريضن سان ڳالهه ٻولهه جي مهارت ۽ تشخيص کي بهتر بڻائڻ جو هڪ اهم موقعو آهي. هن پنهنجي سفارشن تي سي ايم ايڇ لاهور کي اسلام آباد – راولپنڊي کانپوءِ ايم آر سي پي امتحان منعقد ڪرڻ جو ٻيو مرڪز قرار ڏيڻ تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سڄي ملڪ ۾ پارٽ ٽو ڪلينڪل ۾ امتحان ڏيندڙ اميدوارن جو بيڪ لاگ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جي ٻين وڏن شهرن کي ايم آر سي پي امتحاني مرڪز قرار ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هڪ اندازي موجب 24 سيڪڙو آبادي کي ذهني صحت جا مسئلا درپيش آهن، تناءُ جي شڪار آبادي ۾ منشيات جي استعمال، تشدد ۽ انتهائي رويو اختيار ڪرڻ جي رجحان ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. صدر چيو ته حڪومت تربيت يافته ۽ مستعد ماهر نفسيات ۽ معاون عملي جي انگ کي وڌائڻ جي لاءِ فوري، بامعنيٰ ۽ عملي قدم ??نيا. صدر رائل ڪاليج آف فزيشنز جي فيوچر اسپتال پا??ستان پروگرام کي ساراهيو. صدر سال 2021ع – 2022ع جي لاءِ پريڪٽيڪل اسيسمنٽ آف ڪلينيڪل ايگزامينيشن اسڪلز چي??پي??ن ايوارڊ سان نوازيا ويندڙ پا??ستان ۾ رهندڙ پهرين فزيشن پ??وف??سر عامر غفور خان کي ساراهيو. پ??وف??سر چارلس ٽوورٽ صدر کي ٻڌايو ته رائل ڪاليج آف فزيشنز مستقبل جي اسپتال پا??ستان پروگرام تحت پا??ستان ۾ حصيدارن سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو اسپتالن ۾ مريضن جي سارسنڀال کي وڌائڻ جي لاءِ ٺوس صحت جي سارسنڀال جي معاونت جو مڪمل طور تي جديد ماڊل آهي.
صحت جي جامع نظام سان ماڻهن کي صحت جون بهتر سهولتون ملنديون: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا