ڪراچي-14 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آه?? ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آه??. متاثر علائقن مان پاڻي جي نيڪال جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آه??. آبپاشي ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتن ۽ پي ڊي ايم جي هيوي پمپنگ مشينري پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مصروف آه?? . هن وقت تائين پي ڊي ايم اي متاثر علائقن ۾ 96 ٽرڪ مائونٽيڊ ڊي واٽرنگ پمپس، 35 ٽريڪٽر مائونٽڊ ڊي واٽرنگ پمپس، 81 گرائونڊ اسٽيڊنگ ڊيواٽرنگ پمپ ۽ 175 سمال ڊي واٽرنگ پمپ فراهم ڪيا آه??. صوبائي وزير پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ اسڪارپ جون پمپنگ اسٽيشنز پڻ پنهنجي فل صلاحيت سان ڪم ڪري رهيون آه??. سنڌ جي بيراجن تي پاڻي جو وهڪرو هيٺين سطح تي آه??، منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 115.9 فٽ آه??. جتي پاڻي جو ذخيرو 0.561 ايم اي ايف آه??. هن چيو ته اڙل هيڊ ريگيوليٽر تي پاڻي جو اخراج 9130 ڪيوسڪ ۽ اڙل ٽيل ريگيولٽر تي اخراج 17950 ڪيوسڪ آه??. دانستر هيڊ ريگيوليٽر تي اخراج 2780 ڪيوسڪ آه??. ايل ايس بند جي مائل 99 تي ڪٽ1 مان پاڻي جو ڇوڙ 4650 ڪيوسڪ ۽ مائل 97 ڪٽ 2 مان پاڻي جو ڇوڙ 4700 ڪيوسڪ آه??. منڇر ڍنڍ مان سنڌو درياء ۾ پاڻي جو مجموعي ڇوڙ 29210 ڪيوسڪ آه??. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 34893 خاندانن ??ي راشن بيگز فراهم ڪيا ويا آه??. بدين ۾ 1000 خاندانن ۾ راشن بيگز تقسيم ڪيا ويا. اهڙي طرح دادو ۾ 2313، مٽياري 1400، ٽنڊوالهيار 1000، ٽنڊو محمد خان 878، ٺٽو 1000، جيڪب آباد 3809، لاڙڪاڻو 8000، قمبر شهدادڪوٽ 5928، خيرپور ميرس 2500، سانگهڙ 300، شهيد بينظيرآباد 2765، سکر 3000 ۽ عمرڪوٽ ۾ 1000 خاندانن ??ي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آه??. گذريل 24 ڪلاڪن جي رپورٽ جي مطابق متاثرن ۾ وڌيڪ 3000 مال جون مڇردانيون، 1200 سولر لائٽس ورهايون ويون آه??. هاڻي تائين متاثرن کي 612908 خيما، 535457 پلاسٽڪ ترپال، 3237345 مڇر دانيون، 800815 ليٽر منرل واٽر، 135223 پڪل کاڌي جون ديڳيون ۽ ٻيو سام??ن فراهم ڪيو ويو آه??. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 500 متاثر ريل??ف ڪيمپن مان پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي چڪا آه??، هن وقت ريل??ف ڪيمپن ۾ 242571 متاثر موجود آه??. جن ۾ 66939 ٻار ۽ 52865 عورتون شامل آه??. ريل??ف ڪيمپس ۾ متاثرن کي ٻه وقت جو پڪل کاڌو ۽ صحت جي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.
سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري، متاثر علائقن مان پاڻي جي نيڪال جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي. آبپاشي ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتن ۽ پي ڊي ايم جي هيوي پمپنگ مشينري پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مصروف آهي: شرجيل انعام ميمڻ
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال