اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان تع??يت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري رکڻ ۽ تع??ون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو اع??ان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيني صدر شي جن پنگ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي هڪ تع??يتي پيغام ۾ چيني حڪومت ۽ عوام پاران پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان تع??يت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. چين جي صدر پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو آهي ته چين دهشتگردي جي خاتمي جي قومي ايڪشن پلان کي فروغ ڏيڻ، سماجي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ عوام جي سلامتي جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري رکندو ۽ خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي گڏيل تحفظ جي لاءِ پاڪستان سان دهشتگردي جي خاتمي جي تع??ون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. چيني وزيراعظم لي ڪي چيانگ پڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پشاور دهشتگرد حملي ۾ جاني نقصان تي تع??يتي پيغام ڏنو آهي. يڪجهتي جي اظهار تي وزيراعظم چيني صدر ۽ چيني وزيراعظم جا ٿورا مڃيا آهن.
چين جي صدر شي جن پنگ پاران پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري رکڻ ۽ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین