اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شي جن پنگ کي ٽيون ڀيرو چين جو صدر چو??ڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عوام ۽ پارليامينٽ جو مٿس اعتماد ان جي غيرمعمولي قائداڻي صلاحيتن جو اعتراف آهي، صدر شي جن پنگ چين جي ت??قي ۽ خوشحالي جي علامت بڻجي چڪو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شي جن پنگ جي ٽيون ڀيرو چين جو صدر چو??ڊجڻ تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ان کي ايندڙ 5 سالن لاءِ چين جو صدر چو??ڊجڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صدر شي جن پنگ تي چين جي عوام ۽ پارليامينٽ جو اعتماد سندس غيرمعمولي قائداڻي صلاحيتن جو اعتراف آهي. صدر شي جن پنگ چين جي ت??قي ۽ عوام جي خوشحالي جي علامت بڻجي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته سندس قيادت ۾ چين دنيا جي سرفهرست معاشي قوت بڻجي چڪو آهي ۽ اهو سفر مسلسل جاري آهي. صدر شي جن پنگ جي بصيرت ا??رو?? قيادت ۾ چين تعليم، صحت، زراعت، ايج??دن?? ٽيڪنالاجي سميت هر شع??ي ۾ حيرت انگيز ڪاميابيون حاصل ڪري رهيو آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته صدر شي جن پنگ جي 5 سالن جي صدارت واري مدي ۾ ٻنهي ملڪن جي آزمايل ۽ سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن وڌيڪ مضبوط ٿيندو. اسان صدر شي جن پنگ، چين جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا.
وزيراعظم پاران شي جن پنگ کي ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ