پشاور – 22 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي پٺتي پيل آبادي کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هيلٿ اينڊ ايجوڪيشن جي شعبن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. خيبر گرلز ميڊيڪل ڪاليج ۾ هيلٿ ريسرچ 2023ع تي عا??مي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته ملڪ جي رڳو چار کان 5 سيڪڙو آبادي اعليٰ تعليم سان ليس آهي جڏهن ته عا?? ماڻهو کي شديد مشڪلاتون درپيش آهن. هن نشاندهي ڪئي ته ملڪ جي 250 ملين آبادي مان 27 ملين ٻار ??سڪولن کان ٻاهر آهن جڏهن ته ماڻهن جي هڪ وڏي انگ کي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ صحت جي معياري خدمتن تائين پهچ نه آهي. صدر پاليسي سازن تي زور ڏنو ته اهي جلد ۽ وقت سدر فيصلا ڪن جڏهن ته ڌرين، ??رندي وارن ماڻهن، ??ضاڪارن ۽ عا??م سڳورن تي زور ڏنو ته اهي جديد دور جي چئلينجز بابت بيداري پيدا ڪرڻ ۽ ٻارن جي تعليم جي لاءِ پنهنجو ڪردار ??دا ڪن. هن چيو ته حڪومت 27 ملين اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي لاءِ وسيلن جي کوٽ جي ڪري اسڪول ق??ئم نه ٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي سڀني کي صحت جون سهولتون فراهم ڪري سگهي ٿي ۽ اهڙي طرح عوام جي خدمت جي ذميواري سول سوسائٽي جي ڪلهن تي اچي ٿي. هن چيو ته ملڪي معيشت کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن جڏهن ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ان ۾ بهتري ايندي. ه?? وڌيڪ چيو ته استادن، ڊاڪٽرن، ??اگردن، ??الم سڳورن ۽ هر ماڻهو کي ملڪ جي تعمير ۾ ڪردار ??دا ڪرڻو پوندو. هن وقت ملڪ کي ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ضرورت آهي. ه?? وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ 9 لک نرسن جي ضرورت آهي جڏهن ته هن وقت 2 لک تربيت يافته نرسون فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. هن صحت جي تحقيق تي پهرين عا??مي ڪانفرنس جي منتظمين کي ساراهيندي چيو ته عا??مي ماهرن سان گڏجي صحت جي شعبي ۾ نئين تحقيق وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرز خاص طور تي نئين فارغ ٿيندڙ شاگردن کي گهرجي ته اهي نئين تحقيقي موضوعن تي ڌيان ڏين ۽ ماڻهن کي متعدي ۽ غيرمتعدي مرضن ۽ احتياطي تدبيرن بابت آگاهي ڏين. صدر عورتن کي اڳتي اچڻ ۽ خاص طور تي ميڊيڪل جي شعبي ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ عملي زندگي ۾ شامل ٿيڻ جي ترغيب ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو.
صدر پاران ملڪ جي پٺتي پيل آبادي کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هيلٿ اينڊ ايجوڪيشن جي شعبن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت