اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران پنهنجي جان ??ي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ مريضن جي سارسنڀال ڪندڙ شهيد ڊاڪٽرن ۽ هيلٿ ورڪرز کي تمغه امتياز (وفات کانپوءِ) ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي انهن ۾ سنڌ مان 87، پنجاب مان 81، خيبرپختونخواهه مان 23، بلوچستان مان 8، آزاد ڪشمير مان 4 ۽ گلگت ۽ اسلام آباد مان هڪ هڪ ڊاڪٽر شامل آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم سڄي ملڪ مان ڊاڪٽرن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز کي ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران ??دمتن جي اعتراف ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي انهن فرزندن ۽ ڌيئرن ذميوارين کي نڀ??ئيندي شهادت ماڻي. وزيراعظم چيو ته پوري قوم انهن فرض شناس ڊاڪٽرز ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جي مقروض رهندي. انهن ڊاڪٽرن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جا گهرڀاتي قوم جو فخر آهن. پنجاب مان 81، سنڌ مان 87، خيبرپختونخواهه مان 23، بلوچستان مان 8، آزاد ڪشمير مان 4 ۽ گلگت ۽ اسلام آباد مان هڪ هڪ ڊاڪٽر کي عالمي وبا دوران محنت ۽ لڳاءُ سا?? ماڻهن جون زندگيون بچائڻ ۽ فرض جي ادائيگي دوران ??هادت تي تمغه امتياز (فوت ٿيڻ کانپوءِ) ڏنو ويندو. سڄي پاڪستان مان 59 نرسن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز کي پڻ وبا دوران پنهنجي جان ??ي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ ماڻهن جي جان ??چائڻ تي تمغه امتياز (وفات کانپوءِ) سا?? نوازيو ويندو.
وزيراعظم پاران ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران شهيد ڊاڪٽرن ۽ هيلٿ ورڪرز کي تمغه امتياز (وفات کانپوءِ) ڏيڻ جو فيصلو، سنڌ جا 87، پنجاب جا 81، خيبرپختونخواهه جا 23، بلوچستان جا 8، آزاد ڪشمير جا 4 ۽ گلگت ۽ اسلام آباد جو هڪ هڪ ڊاڪٽر شامل
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا