اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حج جهڙي اهم مذهب?? فرض سرانجام ڏيڻ کي حاجين جي لاءِ آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن، حاجين جي لاءِ ڪيل انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه نه ڪيو وڃي ۽ گهٽ خرچ ۾ بهترين سهولتن ج?? فراهمي يقيني بڻائي وڃي، نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته ان جي وسيلي پرائيويٽ اسڪيم تحت ويندڙ حاجين کي پڻ ڪنهن به قسم جون ??شڪ??اتون پيش نه اچن، حج پاليسي فوري طور تي وفاقي ڪابينا کي من??وري جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ مذ??بي معاملن واري وزارت جو اجلاس من??قد ٿيو. اجلاس ۾ وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم کي حج جي حوالي سان قدمن ۽ حج پاليسي 2024ع جي تياري جي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته حج جهڙي اهم فرض کي سرانجام ڏيڻ کي حاجين جي لاءِ آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته حاجين جي لاءِ ڪيل انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي ۽ گهٽ خرچ ۾ بهترين سهولتن ج?? فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته انهن جي وسيلي سان پرائيويٽ اسڪيم تحت ويندڙ حاجين کي پڻ ڪنهن به قسم جون ??شڪ??اتون پيش نه اچن. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته حج پاليسي جلد وفاقي ڪابينا کي من??وري جي لاءِ پيش ڪئي وڃي. اجلاس ۾ مذ??بي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد، مذ??بي معاملن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
حج جهڙي اهم مذهبي فرض سرانجام ڏيڻ کي حاجين جي لاءِ آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس