بيجنگ – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو پاڪ??تا?? سميت اسرندڙ ملڪن کي ترقي جا نوان موقعا فراهم ڪيا، اهو منصوبو پاڪ??تا?? ۽ چين جي لاڳاپن جو سنهري باب آهي. اها ڳالهه هن چين جي دوري تان وطن واپسي جي موقعي تي چائنا ميڊيا گروپ جي اردو سروس سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) جي 10 هين سا??گر??ه تي چين جي حڪومت ۽ عوام ??ي مبارڪباد ڏني. بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي سي پيڪ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته اهو منصوبو پاڪ??تا?? ۽ چين جي لاڳاپن جو سنهري باب آهي، سي پيڪ پاڪ??تا?? جي توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ مواصلات جي شعبن ۾ نمايان سيڙپڪاري فراهم ڪئي آهي جنهن سان ترقي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيا. هن ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪ??تا?? ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته پاڪ??تا?? سي پيڪ جي هڪ ن??ين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ايم ايل ون جهڙا نوان منصوبا جاري آهن. هن چيو ته هي منصوبو پاڪ??تا?? جي ريل سروس ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو ۽ روزگار ۽ ترقي جا نوان موقعا متعارف ڪرائيندو. نگران وفاقي وزير ان يقين جو اظهار ڪيو ته آڪٽوبر ۾ پاڪ??تا?? جي اعليٰ قيادت جو چين جو ايندڙ دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ هڪ ن??ين دور جي شروعات ڪندو. هن چيو ته بدلجندڙ عالمي سياسي منظرنامي جي باوجود پاڪ چين لاڳاپا هر گذرندڙ وقت سان گڏ بهتر ٿي رهيا آهن.
بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کي ترقي جا نوان موقعا فراهم ڪيا: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات