اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي علامه مح??د اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ان جو فلسفو ۽ فڪر پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي، خودي جو ولولا انگيز پيغام ڏئي ٻين تي ڀاڙڻ بدران اقبال نوجوان نسل کي پنهنجي دنيا پاڻ پيدا ڪرڻ جو حڪيماڻو د??س ڏنو. اقبال ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان کي اقبال جي فڪر تي عمل پيرا ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي، اقبال مسلمانن جي حق??قي سڃاڻپ جي لاءِ ا??هن کي غفلت جي خواب مان بيدار ڪرڻ جي عملي ڪوشش ڪئي، اڄ اسان کي جيڪي گهڻ رخا چئلينجز درپيش آهن ا??هن جو حل اقبال جي آفاقي تعليم ۾ لڪل آهي. هن چيو ته اقبال نوجوانن کي خودي جو پيغام ڏنو ۽ ا??هن کي شاهين جي زندگي اختيار ڪري مسلسل جدوجهد جو د??س ڏنو، نوجوان اقبال جو فڪر اختيار ڪري پاڪستان ۽ مسلمان امت جي حق??قي خدمت ڪري سگهن ٿا.
علامه محمد اقبال جو فلسفو ۽ فڪر پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن