ڪراچي – 22 – مارچ (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته پاڪست??ن براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن هڪ اهم ادارو آهي، هي مختلف زبانن ۾ خبرون ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچائي ٿو. اها ڳالهه هن پي بي سي جي ڪراچي آفيس جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪندي چئي. ا??لا??ات واري وفاقي سيڪريٽري چ??و ته ريڊيو پاڪستان جا مسئلا بشمول رهتن، پگهارن ۽ پينشن جي ادائيگي جا مسئلا ۽ انهن جي حل جي لاءِ لاڳاپيل فورم تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي. هن چيو ته حڪومت انهن ادارن کي مالي طور تي پاڻڀرو بڻائڻ تي غور ڪري رهي آهي جن جا خرچ وڌيڪ آهن. ريڊيو پاڪستان تي بجلي جي يوٽيلٽي بلن جو ??ار به بحث هيٺ آهي ۽ ان مسئلي جي حل لاءِ پاور ڊويزن کي آن بورڊ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته اڳ ۾ پينشنرز پنهنجي پينشن جي دير سان ادائگي سبب متاثر ٿيندا هئا پر هاڻي پينشنرز کي انهن جي پينشن وقت سر ادا ڪئي پئي وڃي. ا??لا??ات واري سيڪريٽري ريڊيو پاڪستان ۽ ان جي ملازمن جي بهتري جي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن تي پڻ روشني وڌي جنهن ۾ سرڪاري اسڪيل کي ??خت??ار ڪرڻ ۽ ٻيا شامل آهن. شاهيره شاهد چيو ته ريڊيو جي ٽرانسميٽرز کي پڻ بهتر بڻايو پيو وڃي ته جيئن بنا رڪاوٽ ٽرانسميشن کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ اداري جي نشريات کي سينٽرلائز ڪرڻ جي لاءِ روات، اسلام آباد ۾ هڪ سيٽ اپ قائم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ملازمن کي طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تنظيمي سطح تي پڻ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان جي ملڪيتن کي اداري جي بهتري ۽ ملازمن جي ڀلائي جي لاءِ پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڪالهه جمعي ڏينهن ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي) جي بيورو آفيس ڪراچي جو پڻ دورو ڪيو، بيورو آفيس جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ بيورو چيف ا??لا??ات واري وفاقي سيڪريٽري کي بيورو جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. ان کان اڳ ا??لا??ات واري وفاقي سيڪريٽري پاڪست??ن براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي عمارت پهتي ۽ نيو براڊ ڪاسٽنگ هائوس ۾ منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسٽيشن ڊائريڪٽر پي بي سي، پي آءِ ڊي جا سينيئر آفيسر، بيورو چيف اي پي پي ۽ آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن جا آفيسر پڻ ا??لا??ات واري سيڪريٽري سان گڏ هئا. بعد ۾ هن اي پي پي بيورو آفيس جي مختلف سيڪشنز، اي بي سي، ريديو پاڪستان ۽ فشريز ڊپارٽمينٽ جي آفيسن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل آفيسن جي آفيسرن ا??لا??ات واري سيڪريٽري کي بريفنگ ڏني. ان کان اڳ ا??لا??ات واري سيڪريٽري جو پي بي سي بلڊنگ اچڻ تي ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ اي پي پي ۽ آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن جي ٻين سينيئر آفيسرن شاندار استقبال ڪيو.
پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن هڪ اهم ادارو آهي: شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی