اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان بئنڪنگ محتسب سراج الدين عزيز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بئنڪنگ محتسب صدر کي اداري جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر بئنڪنگ صارفين کي 1.26 ارب رپين جو مالي ريليف فراهم ڪرڻ تي بئنڪنگ محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته سال 2023ع ۾ بئنڪنگ محتسب جو 25 هزار کان وڌيڪ شڪايتن تي ڪارروائي ڪرڻ خوش آئنده آهي. صدر اداري جي قيام کان وٺي هيستائ??ن شڪايت ڪندڙن کي 6.4 ارب جو مجموعي ريليف ڏيڻ تي پڻ ساراهيو. صدر بئنڪ فراڊ متاثرين کي فوري انصاف جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته بئنڪنگ محتسب ماڻهن کي بنا قيمت انصاف جي فراهمي، گڊ گورننس جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، شڪايت?? جي جلد ??زا??ي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، بئنڪ?? جي بدانتظامي جي خلاف بئنڪنگ محتسب جي ڪردار ۽ خدمتن بابت آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي، بئنڪنگ محتسب بابت آگاهي سان وڌ کان وڌ ماڻهو خدمتن مان فائدو کڻي سگهندا. ملاقات ۾ بئنڪنگ محتسب بئنڪ صارفي?? جي شڪايت?? جي فوري ??زا??ي جي لاءِ بئنڪنگ محتسب جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته بئنڪنگ محتسب تازو ئي آن لائين پورٽل جو صارف دوست نظام متعارف ڪرايو آهي، آن لائين پورٽل سان شڪايت ڪندڙن کي پنهنجي شڪايت?? جي داخلا ۾ آساني ٿيندي.
صدر آصف علي زرداري سان بئنڪنگ محتسب جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ