اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معيشت جي بحالي کي پهرين ترجيح ۽ سعودي عرب سان لاڳاپن کي دنيا جي ل??ءِ مثال قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪار?? جي ل??ءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ پرعزم آهيون، مجموعي قومي پيداوار ۾ ا??اف?? جي ل??ءِ جديد ٽيڪنالاج?? جي استعمال سان سڌارا اچي رهيا آهن، ڪرپشن جي خاتمي ل??ءِ قدم کنيا پيا وڃن، سعودي عرب سان اعليٰ سطحي تازن رابطن سان معيشت ۾ بهتري ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن العربيه نيوز چينل کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جو دنيا ۾ مثال نه آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جا ڏک ۽ خوشي گڏيل آهن. وزيراعظم چيو ته منهنجو سعودي عرب جو تازو دورو انتهائي ڪامياب رهيو. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان گذريل 8 سالن ۾ مثالي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جيڪي سندس مدبراڻي فهم ۽ مثالي قيادت جي سبب ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته شهزاده محمد بن سلمان جو مملڪت جو ويزن 2030ع دنيا جي ل??ءِ هڪ مثالي ماڊل آهي. سعودي عرب سان اعليٰ سطح جي تازن رابطن سان معيشت ۾ بهتري ايندي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪنهن به وزيراعظم جو سڀ کان پهرين سعودي عرب جو دورو هڪ روايت رهي آهي. سعودي پرڏيهي وزير ۽ اعليٰ سيڙپڪاري وفد جو پاڪستان جو دورو نئون سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت جي پهرين ترجيح معيشت جي بحالي آهي. ڪويت، گڏيل عرب امارات، قطر، ترڪيه ۽ چين سان لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوط?? جي ل??ءِ پرعزم آهيون. دوست ملڪن سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ واپار کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪار?? جي ل??ءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ پرعزم آهيون. اسان جي حڪومت جي پهرين ترجيح معيشت جي بحالي آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي سنگين چئلينجز درپيش آهن، ڪرپشن جي خاتمي ل??ءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ٻاهرئين قرضن مان ڇوٽڪارو ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. مجموعي قومي پيداوار ۾ ا??اف?? جي ل??ءِ جديد ٽيڪنالاج?? جي استعمال سان سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن.
وزيراعظم پاران معيشت جي بحالي کي پهرين ترجيح ۽ سعودي عرب سان لاڳاپن کي دنيا جي لاءِ مثال قرار، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha