اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايران جي سفار??خا??ي جو دورو ڪيو جتي هن ايران ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر جو ايراني صدر جي شهادت تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صحافين ??ان ڳالهائيندي وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پوري قوم ايراني صدر جي شهادت تي ڏکويل آهي، ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، ايراني صدر جي شهادت اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ عظيم نقصان آهي، صدر ابراهيم رئيسي هڪ نيڪ انسان، عالم ۽ پاڪستا?? جو عظيم دوست هو، صدر ابراهيم رئيسي جي شهادت ??ان مسلمان امت هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿيو ئي آهي. وقتي صدر پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مغدم ??ان پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي رابطي تي ٻڌل بهترين لاڳاپا ??هن، ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي رابطا ۽ پارلياماني مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا ??هن، پاڪستان ??ان لاڳاپ?? جو فروغ ايران جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي جز آهي، ايران جي سپريم ليڊر پاڪستان ??ان لاڳاپن جي فروغ تي خصوصي زور ڏنو. هن چيو ته مرحوم صدر رئيسي جو پاڪستا?? جو تازو دورو ان ڏس ۾ هو. ايراني سفير تعزيتي پيغامن، ايراني عوام جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايراني سفار??خا??ي ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ تعزيتي تاثر پڻ لکيا.
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جو ايران جي سفارتخاني جو دورو، ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي شهادت تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ