اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ترڪمانستان ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون دور پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيو، پاڪستان پاران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قيادت ڪئي. ترڪمانستان پاران وفد جي قيادت ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير راشد ميريدوف ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان ترڪمانستان جي ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو جن ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي تعاون، رابطن ۽ عوام سان عوام جا رابطا شامل آهن. هنن لاڳاپن جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي قيادت جي سطح تي اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه ۽ مٽاسٽا کي وڌيڪ وڌ??ئڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين چيو ته ٻطرفي ڳالهه ٻولهه جي طريقيڪار کي پڻ مضبوط ڪنداسين. ٻنهي ڌرين سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي شعبن سم??ت ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ وڌ??ئڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، رابطن ۽ ان??ار??يشن ٽيڪنالاجي جي ترجيحي شعبن ۾ ويجها اقتصادي رابطا وڌ??ئڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين تاپي پائيپ لائين ۽ تاپ TAP بجلي جي ٽرانسميشن لائين جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان جي حقيقي صلاحيت موجب ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌ??ئڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هنن ان سلسلي ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۽ ڪاروباري ماڻهن جي سهولت لاءِ ويزا نظام کي آزاد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بيان موجب ڌرين ٻطرفي پارلياماني رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ ثقافتي مٽاسٽا، تعليمي وظيفن بشمول سفارتڪارن جي تربيت ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي وڌ??ئڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻئي ملڪ گڏيل قومن ۽ اقتصادي تعاون تنظيم سم??ت گهڻ رخي ترتيبات ۾ ٻطرفي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. افغانستان ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال سم??ت گڏيل ڳڻتي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پاڪستان ترڪمانستان ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون دور
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ