اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪالهه وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ڪرم جي واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي م??تق??ل ۾ ان قسم جي واقعن جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.گذريل ڏينهن ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي گهرو وزارت ۾ وفاقي گهر وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪي پي ڪي جي صورتحال، امن امان ۽ ڪرم جي افسوسناڪ واقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي ۾ امن امان لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو،گهرو وزير چيو ته ڪي پي ڪي ۾ امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ڪرم ۾ زمين جي تڪرار تي انساني حياتين جو نقصان افسوس جوڳو آهي،اسان جي ڪ??شش آهي ته ڪرم سميت ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي. فيصل ڪريم ڪنڊي امن لاءِ سهڪار تي گهرو وزير محسن نقوي جو شڪريو ادا ڪيو.
خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : apostas quina