اسلام آباد – 03 ??ڪٽ??بر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي جنهن ۾ بارڊر مينيجمينٽ، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ سهڪار وڌائڻ، ??اڪ??تان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ آسٽريلين ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ اسلام آباد ۽ ڪينبرا ۽ پسگردائي وارن علائقن تي ٻڌل آسٽريلين ٽيريٽري کي جاڙن شهرن جو درجو ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزير محسن نقوي گهرو وزارت اچڻ تي آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ??اڪ??تاني ٽيم 30 ??ڪٽ??بر تي آسٽريليا جي دوري تي رواني ٿيندي، اميد آه?? ته ان دوري دوران ٻنهي ملڪن جي عوام کي ڀرپور راند ڏسڻ لاءِ ملندي. هن وڌيڪ چيو ته ??اڪ??تاني عورت رانديگرياڻين کي بگ بيش لاءِ اين او سي جاري ڪئي ويندي.آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر خاطري ڪرائي ته آسٽريليا ٽريننگ، عورتن ۽ نابين ماڻهن جي ڪرڪيٽ ۾ سهڪار ڪندو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر گهرو وزير محسن نقوي کي آسٽريلوي ٽيم جون صحيحيون ڪيل ڪرڪيٽ بيٽ پڻ پيش ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي چيو ته بارڊر مينيجمينٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ پوري ٽيم مقرر ڪئي وئي آه??، جيڪا آسٽريليا سميت سمورن ملڪن ڏانهن ٿيل انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهي آه??. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي جي صلاحيتن ۾ اضافي تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر چيو ته ??اڪ??تان آسٽريليا جي بارڊر مينيجمينٽ جي طريقن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، وفاقي گهرو وزير آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي آڇ جي آجيان ڪئ??. م??اقات ۾ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو اجلاس ڊسمبر ۾ آسٽريليا ۾ منعقد ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته افغان پناهگيرن جي آسٽريليا منتقلي ۾ ??اڪ??تان هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهيو آه??. م??اقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وفاقي گهرو وزير سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات، اسلام آباد ۽ آسٽريلين ڪيپيٽل ٽيريٽري کي جاڙن شهرن جو درجو ڏيڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی