اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي چيانگ نيو گوادر ايئرپورٽ جو ورچوئل افتتاح ڪندي قرار ڏنو آهي ته گوادر نه رڳو علائقائي ترقي جو محور پر پاڪستان جي ل??ءِ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو، گڏيل مستقبل ۽ گهڻ رُخي ترقي جي ل??ءِ اسان جو عزم مضبوط آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪميل جي ورچوئل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ صنعت، زراعت ۽ واپار سميت مختلف شعبن ۾ يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، اهي ٻطرفا معاهدا ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ نئين باب جو اضافو آهي، چ??ني وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري تي سندس ٿورائتا آهيون، سن??س دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ??ي فروغ جي عزم جو ورجاءُ آهي، اسان ملاقات دوران لاڀائتي ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي جي ل??ءِ چين جي پختي عزم جا معترف آهيون، صدر شي جن پنگ، چ??ني عوام جو گوادر ايئرپورٽ جو تحفو ڏيڻ تي ٿورائتا آهيون، پاڪستان جي معاشي ترقي جي ايجنڊا ۽ پٺتي پيل علائقن جي ترقي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون تي ٿورائتا آهيون، گوادر ايئرپورٽ سان نه رڳو گوادر پر پورو ملڪ ترقي ڪندو، سي پيڪ تحت ان منصوبي کي مڪمل ڪيو ويو، يقين ڏياريان ٿو ته نه رڳو سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد پر چين ۽ پاڪستان جي عوام جي امن ۽ سلامتي جي ل??ءِ توهان سان گڏجي ڪم ڪندس.
هن چيو ته گوادر ايئرپورٽ جي تڪميل جي ل??ءِ چ??ني ۽ پاڪستاني انجنيئرز ۽ ورڪرز جي اڻٿڪ ڪوششن سان اهو عالمي معيار جو منصوبو مڪمل ٿيو، چين پاران پاڪستان جي ل??ءِ اهو يادگار تحفو سدائين ياد ر??ندو. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال پڻ خطاب ڪيو.