بيجنگ – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) چيني پ??ڏيهي وزارت جي ترجمان مائونگ چيو آهي ته چيني وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو چين ۽ پاڪستان جي پ??اڻي دوستاڻي لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو هڪ اهم مثال آهي جنهن جو مقصد ٻنهي م??ڪن جي مفادن کي فروغ ڏيڻ ۽ خطي ۾ استحڪام کي برقرار رکڻ آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته چين جي وزيراعظم لي چيانگ جو تازو پاڪستان جو دورو ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ گهري لاڳاپن جو عڪاس آهي ۽ اهو 11 سالن کانپوءِ چين جي وزيراعظم جو پهريون دورو هو، دوري دوران لي چيانگ پاڪستاني ح??ومت، پارليامينٽ ۽ عسڪري قيادت سان وسيع پئماني تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن جو مقصد ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي. چيني پ??ڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ موجب ان دوري جا ٽي اهم مثبت نتيجا سامهون آيا آهن جن ۾ هڪ سال جي اندر ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ مختلف سطحن تي ح??ومتي رابطن ۽ مٽاسٽا ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سان گڏيل لاڳاپن کي سگهه ملي آهي. ملاقاتن دوران ٻنهي م??ڪن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل منصوبن تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، عسڪري قيادت سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه سيڪيورٽي ۽ دفاعي شعبي ۾ وڌيڪ ويجهي تعاون جي امڪانن کي وڌايو آهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ”هر دور جي دوستي“ هڪ منفرد ۽ مضبوط تعلق جي عڪاس آهي جيڪا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، انهن لاڳاپن جو بنياد گڏيل اعتماد، احترام ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي آهي جيڪا ٻنهي م??ڪن جي پ??ڏيهي پ??ليسي جو هڪ اهم ٿنڀ بڻجي چڪي آهي. وزيراعظم لي چيانگ جي پ??ڪستان جي دوري جو مقصد به انهي دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي ته جيئن ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي ۽ وسعت ۾ اضافو ٿي سگهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان پنهنجي تازي اعليٰ سطحي رابطن دوران ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ ” هر دور جي دوستي“ کي نئين توانائي ۽ قوت فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي م??ڪن جي اڳواڻن جي اسٽريٽجڪ رهنمائي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي ۽ انهن لاڳاپن کي اعليٰ سطح تي فروغ ڏنو پيو وڃي. چين پاڪستان سان لاڳاپن کي پنهنجي پ??ڏيهي پ??ليسي ۾ هڪ اهم ترجيح جي طور تي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته پاڪستان چين سان لاڳاپن کي پنهنجي پ??ڏيهي پ??ليسي جو اهم ٿنڀ قرار ڏنو جيڪي پ??ڪستاني معاشري جي سمورن طبقن ۾و سيع پئماني تي تسليم ٿيل آهي. هن چيو ته دوري دوران ٻنهي م??ڪن جي اڳواڻن نئين گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪميل جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي جيڪو سي پيڪ تحت ٿيندڙ اهم ترقياتي اڳڀرائي جي علامت آهي، اهو ايئرپورٽ نه رڳو خطي ۾ بنيادي ڍانچي جي بهتري جو مظهر آهي پ?? ٻطرفي تعاون جي ڪاميابين جي پڻ عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان تازي دهشتگردي جي واقعن جي نتيجي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ دهشتگردي جي ڏوهارين کي پڪڙڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان خاطري ڪرائي ته ملڪ ۾ موجود چيني اهلڪارن، منصوبن ۽ ادارن جي مڪمل حفاظت جي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي قدمن کي تيز ڪيو ويندو. چين جي پ??ڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ٻطرفي تعاون جي ماحول کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ موثر حفاظتي قدم کڻي، ٻنهي م??ڪن دهشتگردي جي خلاف پنهنجي زيرو ٽالرنس جي موقف جي تصديق ڪئي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي سطح تي دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. هن چيو ته پاڪستان چيني شهرين ۽ منصوبن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي قدمن کي وڌائڻ جو واعدو ڪيو آهي جنهن ۾ سيڪيورٽي تي سيڙپڪاري ۾ اضافو ۽ حفاظتي قدم شامل آهن. چين به پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي جي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مدد جي آڇ ڪ??ي ته جيئن ملڪ ۾ ٻطرفي تعاون جي لاءِ هڪ محفوظ ماحول کي برقرار رکي سگهجي. هن چيو ته ٻنهي م??ڪن جي ان تعاون جو مقصد نه رڳو گڏيل تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي پ?? علائقائي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ عالمي ۽ علائقائي سطح تي حمايت پڻ حاصل ڪرڻ آهي.
چين جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو چين ۽ پاڪستان جي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو هڪ اهم مثال آهي: چيني پرڏيهي وزارت جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores