اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪرم ضلعي ۾ مس??فر گاڏين تي فائرنگ جي واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي فائرنگ ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته معصوم مسافرن تي حملو انتهائي بزدلا??و ۽ انسانيت سوز عمل آهي. هن چيو ته معصوم شهرين تي حملي جي ذميوارن کي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي. صدر واقعي ۾ قيمتي جاني نقصان ??ي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي زخمي ماڻهن کي وقت سر ط??ي امداد جي فراهمي ۽ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي. صدر مارجي ويلن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي پڻ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada