پشاور-25 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ملڪ خاص طور ??ي ڪي پي ڪي جي مسيحي برادريءَ کي ڪرسمس جي خوشين تي دلي مبارڪون پيش ڪريون ٿا، ڪرسمن امن، محنت، هڪٻئي جو احترام ڪرڻ ۽ خوشيون وِرهائڻ جو ڏڻ آهي. گورنر چيو ته ڪرسمس ??حب??، امن، رواداري ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿو، جيڪي انساني زندگيءَ جا بنيادي اصولن آهن، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام ۾ مسيحي برادريءَ جون خد??تو?? هميشه تعريف جوڳيون رهيون آهن. هن چيو ته اسان جي ملڪ جو آئين سمورن شهرين کي هڪجهڙا حق فراهم ڪري ٿو، اسان سڀني کي گڏجي هڪ پُرامن، خوشحال ۽ ترقي يافته معاشري جي قيام لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته اسان کي سمورا اخت??اف وِِساري هڪ بهتر ۽ هم آهنگ معاشري جي قيام لاءِ متحد رهڻو آهي، پاڪستاني هئڻ جي حيثيت سان ملڪ جي ترقي، امن ۽ ??حب?? کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو آهي.
مسيحي برادري کي ڪرسمس مبارڪ، هي امن، محبت ۽ خوشيون وِرهائڻ جو ڏڻ آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار