گڏيل قومون -03 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوترش چيو آهي، ته صحافين تي حملا سڄي دنيا ۾ صحافت جي آزادي لاءِ خطرو آهن، گڏيل قومن جي سربراهه جو اهو بيان ص??افت جي عالمي ڏينهن جيڪو هر سال 3 مئي تي ملهايو ويندو آهي جي موقعي تي سامهون آيو آهي. هن چيو ته آزاد صحافت جمهوريت ۽ انصاف جي بنيا?? تي آهي، صحافت اسان سڀني سامهون حقيقتون فراهم ڪري ٿي جڏهن ته دنيا جي هر ڪنڊ ۾ صحافت جي آزادي تي حملا ٿي رهيا آهن، ان پيغام جي ويڊيو جنرل اسيمبلي جي هال ۾ صحافت جي عالمي ڏينهن جي 30هين سالگره جي موقعي تي منعقد ٿيل تقريب دوران هلائي وئي، جنهن ۾ سڄي دنيا جي مشهور صحافين، ميڊيا، انساني حقن جي ??نظ??من جي سربراهن شرڪت ڪئي، تقريب دوران ٻڌايو ويو ته 2022ع صحافت لاءِ خطرناڪ سال ثابت ٿيو جنهن دوران 86 صحافي مارجي ويا جڏهن ته سوين ص??افين کي قيد ڪيو ويو ۽ انهن تي حملا ڪيا ويا، هن چيو ته سائبر اسپيس ۾ صحافين تي پڻ حملا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته نيٽ معلومات ۽ اظهار جا نوان رستا کوليا آهن پر ان جو غلط معلومات ۽ سازشي نظرين لاءِ پڻ استعمال ٿي رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته پيش ڪئي ويندڙ عوام جي ڀلائي لاءِ هجڻ گهرجي.
صحافين تي حملا سڄي دنيا ۾ صحافت جي آزادي لاءِ خطرو آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا