رياض -7 آڪٽوبر (اي پي پي) رياض ۾ 10 ڏينهن انٽرنيشنل بڪ في??ر ۾ 28 ملين ريالن کان وڌيڪ جا ڪتاب وڪرو ٿيا آهن. پرڏيهي نيوز مطابق ڪنگ س??ودي يونيورسٽي ڪيمپس ۾ ايونٽ جي انتظاميه لٽريچر پبلشنگ اينڊ ٽرانسليشن ڪميشن جي سي اي او ڊاڪٽر محمد علوان چيو ته 26 سيٽمبر کان 5 آڪٽوبر تائين جاري بڪ في??ر ۾ ڪتابن جي مداحن ۽ هر عمر جي 10 لک ماڻهن شرڪت ڪئي . بڪ في??ر ۾ 30 کان وڌيڪ ملڪن جي 2 هزار کان وڌيڪ سعودي عرب ۽ عالمي پبلشنگ هائوسز ۽ ادارن شرڪت ڪئي. بڪ في??ر ۾ 800 پويلين قائم ڪيا ويا. ڪ??مل ايئر جي حوالي سان خصوصي پويلين قائم ڪيا ويا هئا جتي عرب ثقافت ت?? ٻڌل ڪتاب ۽ اٺن جي حوالي سان تصويرون رکيون ويون هيون. ڪنگ عبد العزيز لائبريري جي پويلين ۾ مختلف زبانن ۾ ترجمو ٿيل لٽريچر مداحن لاءِ فراهم ڪيا ويا جن ۾ عرب تهذيب ۽ ثقافت ت?? ٻڌل ڪتاب شامل آهن. ٻارن ج?? دلچسپي لاءِ مختلف نوعيت جي ڪهاڻين ۽ تصويرن تي ٻڌل ڪتاب موجود هئا . هلندڙ سال رياض انٽرنيشنل بڪ في??ر جي سڀ کان منفرد شيءِ مصنوعي ذهانت وارا روبوٽ رهيا جيڪي مختلف زبانن ۾ اتي ايندڙن جي رهنمائي ڪري رهيا هئا. واضع رهي ته رياض بڪ في??ر هڪ ثقافتي پليٽ فارم آهي جيڪو مقامي ۽ عالمي ادب اشاعت ۽ ترجمي ڪندڙن جي علمي ڪوششن کي هڪ ڇت هيٺ گڏ ڪري ٿو.
رياض انٽرنيشنل بڪ فيئر ۾ 28 ملين ريال جا ڪتاب وڪرو، روبوٽ مختلف زبانن ۾ ماڻهن جي رهنمائي ڪندا رهيا
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا