رياض-06 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هائيڊرو??ن سان هلندڙ پهرين عوامي بس جو افتتاح ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب شهزاده بن طلال بن بدر مملڪت جي سطح تي پهرين هائيڊرو??ن سان هلندڙ عوامي بس جو تجرباتي افتتاح ڪيو. هائيڊرو??ن سان هلندڙ بس هڪ ڀيرو چارج ٿيڻ کان پوءِ 635 ڪلو ميٽرن تائين سفر ڪري سگهي ٿي ان ۾ 45 مس??فرن جي ويهڻ جي گنجائش آهي. عوامي بس کي دمام شهر ۽ الاحسا جي روٽ تي هلايو ويندو جيڪو 359 ڪلو ميٽر ڊگهو آهي. بس ۾ 45 مس??فر سفر ڪري سگهن ٿا. عوامي بس کي دمام شهر ۽ الاحسا جي روٽ تي هلايو ويندو جيڪو 359 ڪلو ميٽر ڊگهو آهي. بس جي تجرباتي افتتاح جي موقعي تي نائب وزير ٽرانسپورٽ اينڊ لاجسٽڪ سروسز ڊاڪٽر رميح بن محمد الرميح کانسواءِ ٻيا اعليٰ عهديدار به موجود هيا. ڪمشنر الاحسا کي هائيڊر??ن سان هلندڙ بس جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بس کي چارج ڪرڻ جي حوالي کان به آگاهه ڪيو ويو. هائيڊروجن بس سان ڪاربن جي اخراج تي به ڪنٽرول ڪري سگهبو. جنهن سان ماحولياتي تحفظ کي به يقيني بنائڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي ڪمشنر الاحسا مملڪت ۾ پهرين هائيڊروجن بس جي ڪامياب ??جرباتي افتتاح کي مملڪت جي ويزن 2030ع بابت هڪ اهم قدم قرار ڏنو.
سعودي عرب ۾ هائيڊروجن سان هلندڙ پهرين عوامي بس جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ