پسرور – 05 مئ?? (اي پي پي) وزيراعظ?? شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عوام ايندڙ عام چونڊن ۾ بهتر فيصلو ڪيو ته مسلم ليگ (ن) ائين ئي مسئلا حل ڪندي، فيصلي جو اختيار ڪنهن ٻئي وٽ نه پر عوام وٽ ئي هجڻ گهرجي، عوام جي چونڊيل نمائندن کي 5 سال حڪومت ڪرڻ جو اختيار هجڻ گهرجي، موجوده 5 سالن ۾ ??ر حڪومت وٽ ڪنهن نه ڪنهن صوبي ۾ اختيار هو جڏهن ته ڪم رڳو مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف ڪري ڏيکاريو، ملڪ جي خودمختياري ۽ ترقي جا ڪم عوام جي سامهون آهن، مسلم ليگ (ن) کي ڪنهن نقطن جي ضرورت نه آهي هو پنهنجي رڪارڊ تي بيٺل آهي. وزيراعظ?? شاهد خاقان عباسي پسرور ۾ سيالڪوٽ پسرور روڊ جي توسيعي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان