اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ قومي غذائي تحفظ واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته زراعت کي معيشت جي هڪ فعال شعبي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ درپيش چئلينجن تي ضابطو آ??ڻ ۽ خاص طور تي ننڍن آبادگارن جي ڀلائي لاءِ ٺوس منصوبو جوڙيو وڃي. هو قومي غذائي تحفظ واري وزارت بابت بريفنگ جي صدارت ڪري رهيو هو. نگران وزيراعظم کي ملڪ جي زرعي شعبي ۽ ملڪ ۾ موجود چئلينجن تي ضابطو آ??ڻ ۽ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي ڪوششن سان گڏوگڏ معيشت جي حوالي سان ان شعبي جي مجموعي ڪردار ۾ اضافي بابت بريفنگ ڏ??ي وئي.
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر