اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ ۾ صاف سٿري سياست جو بنياد رکيو، پيپلزپارٽي يوسف رضا گيلاني جي کٽڻ جي ??عويٰ ڪهڙي بنياد تي ڪري رهي آهي، عوامي نمائندن جي چونڊ لاءِ پئسي جو اس??عمال ٿيو ته اها ايندڙ نسلن سان زيادتي هوندي، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي پئسي جي ??ور تي اليڪشن وڙهڻ چاهين ٿيون، ووٽ جي ??ريداري پاڪستان جي ??ياست کي تباهه ڪيو، پي ٽي آءِ ان ڪلچر کي ختم ڪندي، شفاف چونڊن کي يقيني بڻايو ويندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ووٽ جي ??ريد ۽ وڪري پاڪستان ۾ سياست کي تباهه ڪيو، پئسي جي ??ور تي ايندڙ عوام جا حقيقي نمائندا نٿا ٿي سگهن. هن چيو ته اس??ن جي ڪوشش آهي ته معاشري مان ڪرپشن جو خاتمو ٿئي، پيپلزپارٽي ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي نظريي جي ??لاف ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ??ورت ۾ پاڪستان کي هڪ اهڙو اڳواڻ مليو جنهن صاف سٿري سياست جو بنياد رکيو، پيپلزپارٽي جي ??ڳواڻ رضا رباني بينظير ڀٽو جي ميثاق جمهوريت جي ??لاف موقف اختيار ڪيو ۽ ميثاق جمهوريت کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي وٽ پنهنجو اميدوار کٽرائڻ لاءِ گهربل انگ نه آهي ته اها ڪهڙي بنياد تي يوسف رضا گيلاني جي کٽڻ جي ??عويٰ ڪري رهي آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي ڪرپشن سياسي خريد ۽ وڪري ۾ اس??عمال ٿي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن پهريون ڀيرو مڪمل طور تي آزاد ۽ خودمختيار طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف 2013ع ۾ به جدوجهد ڪئي، حڪومت اهڙو رستو ??ختيار ڪرڻ چاهي ٿي جنهن تي هر ڪو هلي سگهي، پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي موقف تي مضبوطي سان بيٺل آهي، عوامي نمائندن جي چونڊ ۾ پئسي جو اس??عمال ٿيو ته اها ايندڙ نسلن سان زيادتي هوندي. هن چيو ته پيپلزپارٽي يوسف رضا گيلاني جي کٽڻ جي ??عويٰ ڪري رهي آهي، پيپلزپارٽي ڪرپشن سان ڦريل دولت جي ??زاني جا منهن کولي ڇڏيا آهن ۽ ٻوليون لڳي رهيون آهن.
پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ ۾ صاف سٿري سياست جو بنياد رکيو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں