اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) بين المذاهب هم آهنگي بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ پاڪستان علماء ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن قوم کي گڏ ڪر?? اڳتي وڌڻ جو ڏينهن آهي، موجوده حڪومت جي دؤر ۾ اقليتن کي حق مليا آهن، جهڙيءَ ريت قوم اي پي ايس ??انحي تي متحد ٿي هئي اهڙيءَ طرح سيالڪوٽ واقعي تي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو ويو. مسيحي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئين پاڪستان تحت زندگي گذاريندڙن کي ڪا پريشاني ناهي، اڄ جو ڏينهن قوم کي گڏ ڪر?? اڳتي وڌڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته موجوده حڪ??مت?? دؤر ۾ اقليتن کي حق مليا آهن. سيالڪوٽ ۾ هڪ چرچ ۾ بين المذاهب هم آهنگي تقريب جو بندوبست ڪيو پيو وڃي، ان ۾ مان پاڻ شرڪت ڪندس. هن چيو ته قومي مسئلن ۽ دهشتگرديءَ جو حل قومي ايڪشن پلان ۾ آهي، نيشنل ايڪشن پلان تي نظرثاني ٿي رهي آهي. گذريل حڪ??مت?? ۾ نيشنل ايڪشن پلان صرف مسجدن جا لائوڊ اسپيڪر لائڻ تي محدود هو، وزيراعظم عمران خان ان حوالي سان هڪ ميٽنگ ڪر?? چڪو آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اي پي ايس ??انحو ٿيو هو، ان عزم سان آغاز ڪر?? رهيا آهيون ته پاڪستان سڀني جو آهي، اسان پاڪستان جي بچاءَ ۽ ترقي لاءِ ملي ڪر?? ڪم ڪنداسين، جهڙيءَ طرح قوم اي پي ايس ??انحي تي متحد ٿي اهڙيءَ طرح ئي سيالڪوٽ واقعي تي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته اسان وٽ توهين مذهب جو 137 شڪايتون آيون?? جيڪڏهن ڪو توهين ڪر?? ٿو ته ان جي ش??ايت کڻي عدالت ۾ يا پوليس وٽ وڃو، ان حوالي سان قانون موجود آهي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه آهي.
قوم اي پي ايس سانحي تي جيئن متحد ٿي هئي اهڙيءَ طرح سيالڪوٽ واقعي تي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو ويو: حافظ طاهر محمود اشرفي
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ