اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين سان ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سيف الدين عبدالله پنهنجي وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران افعانستان جي صورتحال، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن بشمول ميڊيا وفدن جي مٽاسٽا سميت ڊرامي ۽ فلم جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ا??لا??ات واري وفاقي وزير ??يو ته افغانستان جي صورتحال اهڙي طرح خراب ٿيندي رهي ته اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، افغانستان جي وڏي آبادي غربت جي لڪير ??ان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي افغانستان کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ڪرڻيون پونديون، افغانستان جي مدد جي لاءِ دنيا کي اڳتي اچڻو پوندو. ا??لا??ات واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته فلم ۽ ڊرام?? جي صنعت ۾ پڻ ٻئي ملڪ هڪ ٻئ?? جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ا??لا??ات واري وفاقي وزير ??يو ته پاڪستاني ڊرامن ٻين زبانن ۾ ترجمي سان گڏ پنهنجو هڪ مقام ٺاهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستاني ڊرامن کي ملائيشيا جي عوام کي پڻ پيش ڪيو وڃي. ان موقعي تي ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سيف الدين عبدالله افغانستان ۾ امن ?? استحڪام خاص طور تي افغان عوام جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان اسلامي ملڪن جي تنظيم جو اهم ميمبر ۽ مسلمان امت ۾ اهم مقام رکي ٿو. هن چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير ??يو ته پاڪستان سان ميڊيا، فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ تعاون کي فروغ ڏينداسين. ملاقات ۾ ا??لا??ات وارو ممل??تي وزير فرخ حبيب پڻ موجود هو.
وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سيف الدين عبدالله جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر