دبئي – 21 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فلاپ فلمون لنڊن وڃي ويهي رهيون آهن، نواز شريف اينڊ ڪمپني جڏهن اقتدار ۾ هئي ته صرف انهن جون فلمون هلي رهيون هيون، اصل فلم طرف ڪنهن ڌيان نه ڏنو، رانا شميم جي حلفي بيان جي باري ۾ چارلس گوٿري به تصديق ڪئي آهي ته حلفي بيان نواز شريف جي گهر تي صحيح ٿيو، اه?? ڳالهه هن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته دبئي ۾ فلم فيسٽيول ۾ 11 پاڪستاني فلمون ڏيکاريون وينديون، يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستا??ي ان فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمون ڏسڻ اچن. هن چيو ته پاڪستان جي فلم انڊسٽري بحال ٿي رهي آهي، ??ن کان اڳ صرف سياستدانن جا ڊراما ڏٺا ويندا هئا، نواز شريف اينڊ ڪمپني جڏهن اقتدار ۾ هئي ته صرف انهن جون فلمون هلي رهيون هيون، اصل فلم جي طرف ڌيان نه ڏنو. فلاپ فلمون لنڊن ۾ وڃي ويهي رهيون آهن، هن چيو ته رانا شميم جي حلفي بيان جي باري ۾ چارلس گوٿري به تصديق ڪئي آهي ته اهو بيان حلفي نواز شريف جي گهر تي صحيح ٿيو، اهو گهڻو اهم معاملو آهي، شريف فيملي کي ان تي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ گهرجي. چوڌري فواد حسين چيو ته اوورسيز پاڪستانين اسان جا سر جا تاج آهن ۽ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستا??ي ان تاج جا هيرا آهن، وفاقي وزير چيو ته 15 لک پاڪستان يو اي اي ۾ رهن ٿا، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ انهن جو سڀني کان وڏو حصو آهي، هن چيو ته روشن ڊ??يٽ?? پاڪستان اڪائونٽ ۾ به سڀني کان وڌيڪ تعداد يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستانين جو آهي. وفاقي وزير چيو ته جهڙي طرح عم??ان خان ۽ اوورسيز پاڪستانين سان گڏ بيٺو آهي، اهڙي طرح اوورسيز پاڪستاني به عم??ان خان جي پويان بيٺل آهن، هي اهو ئي اتحاد آهي جيڪو پاڪست??ن کي اڳيان وٺي هلندو.
فلاپ فلمون لنڊن وڃي ويهي رهيون آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا