منڊي بهاءُ الدين – 18 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان ان عزم کي ورجايو آهي ته حڪومت ٽارگيٽيڊ سبسڊيز ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪار دوست ماحول جي فراهمي ۽ مهانگائي جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر هيٺئين سطح تي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪن. وز??راعظم عمران خان منڊي بهاءُ الدين جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو جتي وز??راعظم سان علائقي جي پارليامينٽ ميمبرن ۽ معززين ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وز??راعظم انهن کي هدايت ڪئي ته اهي عوام سان پنهنجو رابطو مضبوط ڪن ته جيئن انهن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جا??ي مختلف سرڪاري اسڪيمن بابت وڌ کان وڌ آگاهي ڏئي سگهجي. انهن اسڪيمن ۾ نئون پا??ستان نيشنل هيلٿ ڪارڊ تحت يونيورسل هيلٿ ڪوريج، احساس ڪارڊ تحت راشن رعايت پروگرام ۽ ٻين غريب دوست قدمن، آبادگار ڪارڊ تحت فصلن جي لاءِ قرض ۽ سستي اگهن تي معياري ٻج، ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن جي فراهمي، ڪامياب جوان ۽ ڪامياب پا??ستان پروگرامن تحت هوم فنانسنگ، سستي ڪاروباري قرضن ۽ نوجوانن جي لاءِ پيشيواراڻي مهارتن ۾ تربيت شامل آهي. وز??راعظم انهن کي ماڻهن کي اهو حساس ڏيارڻ جي به هدايت ڪئي ته حڪومت انهن جي پريشانين کان پوري طرح آگاهه آهي ۽ عالمي منڊين ۾ شين جي بلند قيمتن جي ڪري درآمدي مهانگائي جي منفي اثرن کان انهن کي بچائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وز??راعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته حڪومت ٽارگيٽيڊ سبسڊيز ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪار دوست ماحول پيدا ڪ??ي مهانگائي جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. وز??راعظم انهن کي صوبي ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هيٺئين سطح تي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وز??رن مخدوم شاهه محمود قريشي، اسد عمر، چوڌري فواد حسين، شيخ رشيد احمد ۽ شفقت محمود، قومي اسيمبلي ميمبرن حاجي امتياز احمد چوڌري، شوڪت علي ڀٽي، سيد فيض الحسن شاهه، اڳوڻن قومي اسيمبلي ميمبرن محمد اعجاز چوڌري، نذر محمد گوندل، امتياز صفدر وڙائچ، صوبائي اسيمبلي ميمبرن محمد طارق تارڙ، گلريز افصل چن، مامون جعفر تارڙ، ميان احسن جهانگير، ميان اختر حيات، چوڌري لياقت علي، چوڌري ارشد، سليم سرور جوڙا، چوڌ??ي محمد اخلاق، محمد فيصل خان نيازي، اڳوڻن صوبائي اسيمبلي ميمبرن طارق محمود ساهي، چوڌ??ي محمد الياس، ميان ارقم خان ۽ مقامي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
حڪومت ٽارگيٽيڊ سبسڊيز ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪار دوست ماحول جي فراهمي ۽ مهانگائي جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil