اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي آءِ ٽي پروفيشنلز پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ سڄي دنيا ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) جي ڪيترن ئي شعبن ۾ نوڪرين جا مختلف موقعا موجود آهن، وفاقي حڪومت تمام سٺي آءِ ٽي پاليسي متعارف ڪرائي آهي، آءِ ٽي ڪمپنيون ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جا سربراهه ان مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ سوليوشن ان ڪارپوريشن جي اهتمام هيٺ 8 هين پاڪستان سي آءِ او سمٽ ۽ ايڪسپو 2022ع کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته موجوده وفاقي حڪومت پهرين ڏينهن کان ئي آءِ ٽي جي شعبي تي ڌيان ڏنو آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڊيٽا، سائبر سيڪيورٽي، آرٽيفيشل، انٽيلي جنس ۽ ٻ??ن شعبن ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن. هن چيو ته دنيا کي 2030ع ??ائين 80 لک سائبر سيڪيورٽي پروفيشنلز جي ضرورت آهي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت هر انساني ڪوشش ۾ شامل هوندي آهي. هن چيو ته دنيا ۾ تمام وڏي ڊيٽا دستياب آهي پر ان جو تجزيو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته ٽئين صنع??ي انقلاب دنيا جون حالتون تبديل ڪري ڇڏيون ۽ چوٿين صنع??ي انقلاب ڊيجيٽل اڪانومي ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي شڪل ۾ وڏي تبديلي آندي. هن چيو ته آءِ ٽي پاليسي ڪمپنين کي انڪم ٽيڪس، ڊيوٽي ۽ ٻ??ون ڇوٽ واريون مراعتون ڏي ٿي. صدر چيو ته آئون پاڪستان جي مستقبل تي پڪو يقين رک??ن ٿو، عورتن وٽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا آهن، عورتون گهر کان ڪم ڪري سگهن ٿيون ۽ پنهنجي خاندان جي معاشي مدد ڪرڻ جي لاءِ پئسو ڪمائي سگهن ٿيون. هن چيو ته حڪومت رواي??ي ايڪسپورٽ کانسواءِ آءِ ٽي ايڪسپورٽ جي پڻ حوصلا افزائي ڪري ٿي. ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته سيڙپڪار ۽ ڪمپنيون آءِ ٽي جي انوينشنز ۾ سيڙپڪاري ڪن. صدر يونيورسٽين کي چيو ته اهي پنهنجي شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب پڙهائين. هن ان موقعي تي خصوصي ٽيڪنالاجي زونز ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو.
پاڪستان جي نوجوانن لاءِ سڄي دنيا ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) جي ڪيترن ئي شعبن ۾ نوڪرين جا مختلف موقعا موجود آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج