گلگت – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پيپلزپارٽي گلگت بلتستان جي صوبائي صدر امجد حسين ايڊووڪيٽ 5 آگسٽ 2019ع تي ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني قدمن جا 3 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان ??شميرين جي خودمختيار?? جي حق جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي ه??ٺ ڪشمير ۾ غيرقانوني قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ هر قسم جي حربا ۽ ظلم ۽ جارحيت آڏ?? ڪشميرين بي شمار قربانيون ڏنيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن تي گڏيل قومن جي خاموشي سواليه نشان آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي حڪومت پاران غيرقانوني قدمن جو مقصد والاريل واديءَ ۾ غيررياستي رهواسين کي آباد ڪري ڪشميرين جي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ آه?? جيڪو مذمت جوڳو آهي ڪشمير تڪرار جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب منصفاڻو حل ڪڍڻو پوندو.
اسان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا: امجد حسين ايڊووڪيٽ
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج