اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنرمند ماڻهن کي حصيدار بڻائي رهيا آهيون، منهنجي هدايت تي منصوبابندي وارو وزير چيمپيئن آف ريفارمز (سي او آر) ن??ٽ ورڪ جي شروعات ڪرڻ وڃي رهيو آهي، اهو ن??ٽ ور?? هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو جنهن ۾ ملڪ جي ماهرن جون خدمتون ورتيون وينديون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بهترين ٽيلينٽ کي استعمال ۾ آندو ويندو. هنرمند پاڪستاني ملڪ جو فخر آهن جن عالمي سطح تي مختلف شعبن ۾ پنهنجو مقام بڻايو. درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنرمند ماڻهن کي حصيدار بڻائي رهيا آهيون. سي او آر ن??ٽ ور?? هڪ اهڙي پليٽ فارم طور تي خدمتون سرانجام ڏيند?? جتي قوم جي خدمت جي لاءِ چوٽي جا ماهر گڏجي ويهندا. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسان عملي رستي طرف گامزن ٿي رهيا آهيون جتي اسان پنهنجي بهترين ٽيلينٽ جي حصيداري سان ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪنداسين.
پاڪستان کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنرمند ماڻهن کي حصيدار بڻائي رهيا آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa