اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ٽيليويزن، فلم، ريڊيو ۽ اسٽيج جي ناليواري اداڪار قوي خان جي لاڏاڻي تي گهري افسوس ۽ ڏک جو ??ظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف مرحوم جي درجن جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ ان جي خاندان سان تعزيت جو ??ظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته قوي خان جي لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ ليجينڊ اداڪار کان محروم ٿي ويو. قوي خان هڪ اڪيڊمي جي حيثيت رکندو هو، ان جهڙو اداڪار صدين ۾ پيدا ٿيندو آهي. قوي خان ريڊيو پاڪستان پشاور کان چائلڊ اسٽار طور ڪم ??رو?? ڪيو، جيڪو ان جي فطري ٽيلينٽ جو ??بوت آهي. هن چيو ته قوي خان ورسٽائل اداڪار هو، جنهن هر طرح جو ڪردار بهتر طور تي ادا ڪيو ۽ ان جي اداڪاري حقيقت جي ويجهو ۽ قدرتي هئي. هو پاڪستان ٽيليويزن جي ان ??رو??اتي اداڪارن مان هو جن پاڪستان ٽيليويزن ڊرامن جو ??نياد رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ”لاکهون مين تين“ ۽ ”انڌيرا اجالا“ ۾ سندس اداڪاري عوام جي ذهنن تي اڄ به زندهه آهي. وزيراعظم چيو ته تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ ستاره ام??يا?? جي اعزاز قوي خان جي فنڪاراڻي صلاحيتن جو ??ياستي سطح تي اعتراف آهي. پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جا ناظرين سندس کوٽ سدائين محسوس ڪندا رهندا. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.
وزيراعظم پاران قوي خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا