اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪرڪيٽ ??ورڊ مئنيجمينٽ جي چونڊون بهتر طريقي ??ان ڪرائڻ، رانديگرن کي سٺي ڪوچنگ ??ان گڏوگڏ بهترين تربيت، پاڪستان سپر ليگ جون مئچز سڄي ملڪ ۾ منعقد ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ٺاهڻ، موجوده ڪرڪيٽ ??سٽيڊيمز جي جديد رخن تي بحالي جي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪرڻ ۽ اسلام آباد ۾ 4 ڪرڪيٽ گرائونڊز پاڪستان ڪرڪيٽ ??ورڊ جي سرپرستي ۾ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ??ورڊ جي معاملن جي حوالي ??ان اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد، پاڪستان ڪرڪيٽ ??ورڊ جي چيئرمين محمد ذڪاءَ اشرف، پاڪستان ڪرڪيٽ ??ورڊ جي چيف آپريٽنگ آفيسر سلمان نصير، چيف سليڪٽر وهاب رياض ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته پي سي بي جا عهديدار محمد حفيظ، عمر گل ۽ سعيد اجمل وڊيو لنڪ ذر??عي آسٽريليا مان اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ??ان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ ??ي راند پوري قوم کي متحد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي جنهن ??ان قومي جذبو اڀري ٿو. هن چيو ته رڳو ٽيم ورڪ ??ان ئي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم متحد ٿي هر ميدان ۾ ڪاميابي ماڻي سگهي ٿي. نگران وزيراعظم تاڪيد ڪندي چيو ته پي سي بي ۾ ٽرينرز، سپورٽ اسٽاف ۽ ٻين عهديدارن جي مقرري ڪندي ملڪي مفاد ۽ وقار جو خيال رکيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته رانديگرن کي سٺي ڪوچنگ ??ان گڏوگڏ بهترين تربيت پڻ ڏني وڃي ته جيئن اهي هر سطح تي ملڪ ۽ قوم جي بهتر نمائندگي ڪري سگهن. وڌيڪ اهو ته نگران وزيراعظم ڪرڪيٽ ??ورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جون چونڊون بهتر طريقي ??ان ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ کي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ پڻ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اندرون سنڌ، بلوچستان، ڏکڻ پنجاب، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير وغيره ۾ ڪرڪيٽ ??و تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي جنهن کي قومي سطح تي نمائندگي جو موقعو ڏيڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪوئيٽا جي بگٽي اسٽيديم ۽ پشاور جي ارباب نياز اسٽيڊيم جي بحالي جو ڪم فوري طور تي شروع ڪيو وڃي ته جيئن هتي قومي ۽ عالمي ڪرڪيٽ مئچز منعقد ڪري سگهجن. هن چيو ته گوادر جي ڪرڪيٽ ??سٽيڊيم ۽ گلگت بلتستان جي علائقي نگر ۾ موجود پسن کي ڪرڪيٽ مئچون منعقد ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي ٿو. نگران وزيراعظم ڪرڪيٽ ??ورڊ کي ضلعي نگر جي پسن اسٽيڊيم جي فوري سروي ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته موجوده ڪرڪيٽ ??سٽيڊيمز جي جديد رخن تي بحالي جي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪيو وڃي. ان کانسواءِ نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته جديد سهولتن ??ان ليس نئين ڪرڪيٽ ??سٽيڊيمز ۽ انهن ??ان گڏ عالمي معيار جي هوٽلز ۽ شاپنگ ايرياز قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ته جيئن سياحت کي پڻ فروغ ڏئي سگهجي. نگران وزيراعظم ڪرڪيٽ ??ي ترقي جي لاءِ اسلام آباد ۾ 4 ڪرڪيٽ گرائونڊز کي سي ڊي اي کان وٺي پاڪستان ڪرڪيٽ ??ورڊ جي سرپرستي ۾ ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي. پاڪستان سپر ليگ جي حوالي ??ان نگران وزيراعظم ليگ جون مئچز سڄي ملڪ ۾ منعقد ڪرائڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ??ي ميدان ۾ دوست ملڪن ??ان هر ممڪن تعاون جي فروغ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس کي پاڪستان ڪرڪيٽ ??ورڊ جي عملدارن پاران بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان سپر ليگ فيبروري 2024ع ۾ منعقد ٿيندي. ليگ جون مئچز ڪ??اچ??، لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان ۾ منعقد ٿينديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ڪرڪيٽ چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ڪندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪرڪيٽ ??يسوسيئيشنز جو انگ 6 مان وڌائي 16 ڪيو ويو جنهن ??ان علائقائي ٽيلينٽ اجاگر ٿيندو. وڌيڪ اهو ته اسلام آباد، لاهور، ڪ??اچ??، گوجرانوالا، پشاور ۽ بهاولپور ۾ ڪرڪيٽ ??ي انفراسٽرڪچر جي تعمير تي ڪم ٿي رهيو آهي. قذافي اسٽيڊيم لاهور، نيشنل اسٽيڊيم ڪ??اچ?? ۽ ملتان اسٽيڊيم جي شمسي توانائي تي منتقلي تي ڪم ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي پاڪستان ۾ عورتن جي ڪرڪيٽ ??ي فروغ لاءِ کنيل قدمن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو.
نگران وزيراعظم جي صدارت ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي معاملن جي حوالي سان اهم اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری