سرينگر-28 جولاءِ (اي پي پي) ڪشميري 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير طور ملهائيندا جنهن جو مقصد نريندر مودي جي قيادت هيٺ ڀارتي حڪومت طرفان 2019ع ۾ ان ڏينهن والاريل ڄم??ن ڪشمير جي حوالي سان ڪيل غيرقانوني قدمن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ آه??. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ان ڏينهن والاريل ڄم??ن ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال جو سڏ ڏنو آه??. مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄم??ن ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪيو هو. يوم استحصال ڪشمير ملهائڻ جو مقصد دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ آه?? ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي تسليم نٿا ڪن. ڪل جماعي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس سرينگر ۾ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته نئين دهلي ۾ بي جي پي / آر ايس ايس جي ڳٺجو?? ڪشميرين جي سياسي، سماجي ۽ ??ذه??ي حقن کي غصب ڪيو آه??. ڄم??ن ڪشمير نيشنل فرنٽ پارٽي جي نظربند چيئرمين نعيم احمد خان جي صبر واستقامت کي ساراهيو آه?? جنهن ڀارت جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ غيرقانوني نظربندي جا 7 سال مڪمل ڪيا آه??. پارٽي هن جي نظربندي کي بنيادي انساني حقن جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو آه??.
ڪشميري 5 آگسٽ جو ڏينهن يوم استحصال ڪشمير طور ملهائيندا
مضمون کا ماخذ : گرم گرم