اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو آهي، ته حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ مجموعي معيشت جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي، معيشت جا اهم انگ اکر بهتري جي عڪاسي ڪري رهيا آهن، زرعي پيداوار، روانگي واپار ۽ ناڻي واڌ ۾ اضافي جو رجحان برقرار رهندو، ??ڏي?? صنعتن جي پيداوار ۾ اضافو ۽ ناڻي واڌ جي شرح ۾ ترتيبوار گهٽتائي س??ن معيشت جي بهتري جي عڪاسي ٿي رهي آهي، ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار اقتصادي اپڊيٽ مطابق مالي س??ل 2024ع دوران پاڪستان جي معيشت، استحڪام جي راهه تي گامزن ٿي ناڻي واڌ جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي، گذريل مالي س??ل جي پهرين 11 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ جي خساري ۾ گهٽتائي ٿي، زرعي شعبي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ??ڏي?? صنعتن جي پيداوار ٽيڪ اپ پوزيشن تي اچي وئي. رپورٽ مطابق مالي س??ل 2024ع ۾ زرعي ٽريڪٽرن جي پيداوار ۾ 43.5 سيڪڙو جي شرح سان اوسر رڪارڊ ڪئي وئي، زرعي قرضن جو ڪاٿو 1972.8 ار?? رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي س??ل جي ڀيٽ ۾ 26 سيڪڙو وڌيڪ آهي. پنجاب ۾ 1.304 ملين ايڪڙ ايراضي تي ڪپهه جي پوک رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته 1.680 ملين ايڪڙ هو. سنڌ ۾ 0.555 ملين ايڪڙ ايراضي تي ڪپهه جي پوکي ٿي جڏهن ته هدف 0.630 ملين ايڪڙ مقرر ڪيو ويو هو، خريف جي موسم ۾ ڀاڻن جي کپت جو ڪاٿو 1210 هزار ٽن هو، جيڪو گذريل خريف جي ڀيٽ ۾ 18.1 سيڪڙو گهٽ آهي. ڊي اي پي جي کپت جو ڪاٿو 256 هزار ٽن رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل سيزن جي ڀيٽ ۾ 6.8 سيڪڙو گهٽ آهي، جڏهن ته ان باوجود سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪپهه لاءِ سٺن ٻجن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي، جنهن سبب پيداوار ۾ اضافي جي اميد آهي، گذريل مالي س??ل دوران ??ڏي?? صنعتن جي پيداوار ۾ هڪ سيڪڙو جي اوسر رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته مئي ۾ ??ڏي?? صنعتن جي پيداوار ۾ سالياني بنيادن تي 7.3 سيڪڙو ۽ ماهوار بنيادن تي 7.5 سيڪڙو ??و نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو. سيمينٽ جي کپت ۾ 1.6 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ مجموعي طور تي 45.3 ملين ٽن سيمنٽ جي کپت رڪارڊ ڪئي وئي. مقامي کپت جو ڪاٿو 38.2 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 4.6 سيڪڙو گهٽ آهي، جڏهن ته سيمنٽ جي روانگي واپار ۾ 55.7 سيڪڙو جي شرح سان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ مجموعي طور تي 7.1 ملين ٽن سيمنٽ جو روانگي واپار ڪيو ويو. رپورٽ مطابق جون ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو عام انگ 12.6 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو مئي ۾ 11.8 سيڪڙو ۽ گذريل سال جون ۾ 29.4 سيڪڙو هو. سراسري س??لياني ناڻي واڌ 29.2 سيڪڙو مان گهٽجي 23.4 سيڪڙو جي س??ح تي آئي. رپورٽ مطابق گذريل مالي س??ل جي پهرين 11 مهينن ۾ مالي خساري کي جي ڊي پي جي شرح سان 5.5 سيڪڙو جي س??ح کان گهٽائي 4.9 سيڪڙو جي شرح تي آندو ويو. پرائمري بئلنس جو ڪاٿو 1620.5 سيڪڙو ار?? رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو جي ڊي پي جو 1.5 سيڪڙو ٺهي ٿو. گذريل مالي س??ل جي پهرين 11 مهينن ۾ مجموعي وفاقي ٽيڪس اوڳاڙين جو ڪاٿو 6202.6 ار?? رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل کان به پوئين سال جي ڀيٽ م 49 سيڪڙو وڌيڪ آهي. نان ٽيڪس روينيو ۾ 90 سيڪڙو جي شرح سان اضافو ڏسڻ ۾ آيو. ايف بي آر جي مجموعي ٽيڪس اوڳاڙين جو ڪاٿو 9311 ار?? رپيا رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو گذريل کان به پوئين سال جي ڀيٽ ۾ 30 سيڪڙو وڌيڪ آهي. سڌي ريت ٽيڪسن ۾ 38.5 سيڪڙو جڏهن ته سيلز ٽيڪس، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۽ ڪسٽم ڊيوٽي ۾ ترتيبوار 19.6 سيڪڙو، 56.1 سيڪڙو ۽ 18.5 سيڪڙو جي شرح سان اوسر رڪارڊ ڪئي وئي. ناڻي واري وزارت مطابق روانگي واپار ۽ پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي ۾ اضافي س??ب مالي س??ل 2024ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن جو خسارو 0.7 ار?? ڊالرن تائين محدود ڪيو ويو، جيڪو مالي س??ل 2023ع ۾ 3.3 ار?? ڊالر هو. مختلف شين جي روانگي واپار جو ڪاٿو 31.1 ار?? ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 11.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. آمدني واپار جو ڪاٿو 53.2 ار?? ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو مالي س??ل 2023ع ۾ 52.3 ار?? ڊالر هو. مجموعي واپاري خساري جو ڪاٿو 22.1 ار?? ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل کان پٺئين مالي س??ل ۾ 24.8 ار?? ڊالر هو. گذريل مالي س??ل دوران سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڪاٿو 1.9 ار?? ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل کان پوئين مالي س??ل جي ڀيٽ ۾ 16.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي. پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ چين، برطانيه ۽ ٻين دوست ملڪن اهم ڪردار ادا ڪيو. بجلي جي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ 799.9 ملين ڊالر جي سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا مجموعي سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو 42.1 سيڪڙو ٺهي ٿو. تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ 303.6 ملين ڊالرن جي سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل مالي س??ل دوران پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي جو ڪاٿو 30.3 ار?? ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو مالي س??ل 2023 جي ڀيٽ ۾ 10.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي. پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ملڪي ذخيرن جو ڪاٿو 12 جولاءِ تي 14.7 ار?? ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڪاٿو 9.4 ار?? ڊالر هو. رپورٽ مطابق مالي س??ل 2024ع ۾ زر وسيع (ايم 2) ۾ 15.5 سيڪڙو جي شرح سان اوسر رڪارڊ ڪئي وئي جنهن ۾ بئنڪنگ شعبي جي مجموعي پرڏيهي اثاثن اهم ڪردار ادا ڪيو. نجي شعبي طرفان قرض وٺڻ جي شرح ۾ اضافو ٿيو ۽ مالي س??ل 2024ع ۾ ان شعبي کي 368.4 ار?? رپين جو قرض فراهم ڪيو ويو جيڪو مالي س??ل 2023ع ۾ 208.3 ار?? رپيا هو. ناڻي واري وزارت مطابق گذريل سال سيپٽمبر کان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪارڪردگي ۾ بهتري جو رجحان شروع ٿيو. جون ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 2566 پوائنٽس ??و نمايان اضافو ٿيو. جون جي پڄاڻي تي انڊيڪس 78445 پوائنٽن تائين پهچي ويو هو. جون ۾ مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن ۾ 205 ار?? رپين جو اضافو ٿيو. رپورٽ مطابق محدود مالي گنجائش باوجود حڪومت مع??شري جي مع??شي طور تي ڪمزور طبقن کي رليف فراه ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. مئي 2024ع ۾ غربت جي خاتمي لاءِ فنڊ24 شراڪتدار ادارن جي سهڪار سان 28 هزار 913 بنا وياج جي قرض فراهم ڪيا جنهن جو ڪاٿو 1.38 ار?? رپيا هو. فيبروري 2023ع کان مارچ 2024ع جي مدي ۾ حڪومت هڪ لک 40 هزار 202 مستحقن ۾ 83.68 ار?? رپين جا قرض ورهايا. اهي قرض وزيراعظم يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم تحت فراهم ڪيا ويا. ان کان علاوه حڪومت ٽن مهينن لاءِ 200 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ سبسڊي جو به اعلان ڪيو آهي. رپورٽ مطابق مالي س??ل 2025ع لاءِ زرعي شعبي جي ترقي جو هدف 2 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي جڏهن ته گذريل سال ان شعبي جي سٺي ڪارڪردگي س??ب هلندڙ مالي س??ل ۾ به نمايان بهتري جو امڪان آهي. لائيو اسٽاڪ، فشريز ۽ فاريسٽري جي شعبن ۾ به اضافي جو رجحان جاري آهي. ??ڏي?? صنعتن جي پيداوار ۾ گذريل مالي س??ل جي آخر ۾ بهتري شروع ٿي ۽ اهو عمل هلندڙ مالي س??ل ۾ به برقرار رهندو. رپورٽ مطابق جولاءِ ۾ ناڻي واڌ جي شرح 12 سيڪڙو کان 13 ۽ آگسٽ ۾ 11 کان 12 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. اهڙي طرح ماهوار روانگي واپار جو ڪاٿو 2.4 کان 2.7 ار?? ڊالر ۽ آمدني واپار جو ڪاٿو 4.5 کان 4.9 ار?? ڊالرن تائين رهڻ جو امڪان آهي.
حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ مجموعي معيشت جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي، زرعي پيداوار، روانگي واپار ۽ ناڻي واڌ ۾ اضافي جو رجحان برقرار رهندو: ناڻي واري وزارت
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔