اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري قومي سطح تي ٻيلن جي شرح ۾ واڌ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، عوام سانوڻي جي وڻڪاري مهم ۾ اڳيان وڌي حصو وٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ وڻڪاري مهم تحت ٻوٽا لڳ??ئيندي ڳالهين دوران ڪيو. صدر مملڪت بلاول هائوس ڪراچي ۾ سالياني سانوڻي جي وڻڪاري مهم تحت نم جو ٻوٽو لڳ??يو، 18 آگسٽ پاڪستان ۾ سانوڻي ۾ وڻ لڳ??ئڻ جي قومي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. صدر مملڪت چيو ته قومي سطح تي ٻيلن جي شرح ۾ واڌ جي ضرورت آهي، عوام موسمياتي تبديلي، عالمي گرمي پد ۾ واڌ جي ناڪاري اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳ??ئين. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، نوجوان ۽ سول سوسائٽي ٻيلن جي ايراضي کي وڌائڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳ??ئڻ ۾ مدد ڪن. صدر مملڪت چيو ته نم ماحول دوست وڻ آهي جنهن جا بيشمار ماحولياتي فائدا آهن، نم صاف هوا، ٿڌي ڇانوَ کان علاوه قدرتي طور مڇرن کي ڀڄائي ٿو. صدر مملڪت چيو ته محتر??ه بينظير ڀٽو شهيد جي وزارت عظميٰ جي حيثيت سان پ??ري?? حڪومتي دور ۾ موسميات جي وزير طور خدمتون انجام ڏنيون ۽ محتر??ه بينظير ڀٽو شهيد جي پ??ري?? دور ۾ وڻ لڳ??ئڻ جي مهم جي شروعات ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ نم جا وڻ لڳ??يا ويا. صدر مملڪت چيو ته اڄ پاڪستان ۾ وڌندڙ گرمي پد کي نظر ۾ رکندي وڻ لڳ??ئڻ جي ضرورت اڃا وڌيڪ وڌي وئي آهي، قوم خاص ??ري نوجوان ۽ سول سوسائٽي سانوڻي جي موسم ۾ وڻڪاري مهم ۾ اڳيان وڌي حصو وٺن. صدر مملڪت چيو ته بهتر ماحول لاءِ پنهنجي پاڙن ۽ ڀرپاسي ۾ وڌ کان وڌ وڻ لڳ??ئين. صدر مملڪت چيو ته سانوڻي جي وڻڪاري مهم ٻيلن ۾ واڌ، ملڪ ۾ ساوڪ وڌائڻ، ماحول کي صحتمند ۽ صاف بڻائڻ جو بهترين موقعو آهي. ٻيلن ۽ ساوڪ ۾ واڌ اسان جي ماحول کي اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ صحت مند ۽ محفوظ بڻائيندا. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان مينگرووز جي بحالي جو ڪاميابي قدم کنيو آهي، سنڌ ۾ لکين ايڪڙ ايراضي تي مينگرو وز لڳ??يا ويا آهن، اسان مينگرووز کي وڌائڻ ۽ وڌيڪ وڻ لڳ??ئڻ لاءِ پرعزم طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهيون. صدر مملڪت چيو ته معاشري جا سمورا طبقا گرمي پد کي گهٽ ڪرڻ، ساوڪ ۽ ٻيلا وڌائڻ لاءِ وڻڪاري مهم ۾ اڳيان وڌي حصو وٺن.
پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، عوام سانوڻي جي وڻڪاري مهم ۾ اڳيان وڌي حصو وٺي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں