اسلام آباد – 02 ??? ڊ??مبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”ون واٽر سمٽ“ ۾ شرڪت جي لاءِ 3 ۽ 4 ڊ??مبر تي سعودي عرب جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيا?? موجب سعودي عرب، فرانس، قازقستان ۽ عالمي بئنڪ جي حصيداري سان منعقد سمٽ جو مقصد عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ اعليٰ ??طحي سياسي واعدن جي ذريعي پاڻي وسيلن جي انتظام جي لاءِ ٺوس عالمي موقف کي فروغ ڏيڻ آهي. بيا?? موجب وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ اهم خطاب ڪندو جنهن ۾ تازي پاڻي جي وسيلن ۽ آبي زمينن جي ڏس ۾ بحالي، تحفظ ۽ موافقت تي ڌيان ڏنو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پاران پاڻي جي تحفظ کي فروغ ڏيڻ، آبهوا ۾ تبديلي جي اثرن کي برداشت ڪرڻ، پاڻي جي معيار کي بهتر بڻائن، روزگار جا ذريعا وڌائڻ ۽ حياتياتي جيوت جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ روشني وجهندو. وزيراعظم موسمياتي تبديلين سبب ٻوڏن، غيرمعمولي ۽ انتهائي موسمي حالتن ۽ پاڻي وسيلن ۽ ماحولياتي نظام تي گرمي جي دٻاءُ جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون جي اهميت سان گڏوگڏ پاڻي وسيلن جي پائيدار انتظام جي لاءِ بامعنيٰ ??المي تعاون تي پڻ زور ڏيندو. سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جون ٻطرفيون ملاقاتون ۽ مصروفيتون متوقع آهن.
وزيراعظم ون واٽر سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ 3 ۽ 4 ڊسمبر تي سعودي عرب جو دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی