اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايوانِ صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئ??. صدر ۽ وزيراعظم ملڪي ترقي لاءِ گڏجي اڳ??ي وڌڻ جي عزم کي ورجايو. ايوانِ صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير س??ني??ر محمد اسحاق خان، گهرو وزير سيد محسن نقوي، ڪي پي ڪي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي?? اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر سيد نويد قمر به شامل هئا. وزيراعظم شهباز شريف، صدر آصف علي زرداري جي صحت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر ۽ وزيراعظم ملاقات دوران پارليامينٽ ۾ قانونسازيءَ جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن قانوني معاملن سمورن سياسي اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان اڳ??ي وڌڻ جو فيصلو ڪيو. صدر آصف علي زرداري وزيراعظم کي ملڪي ترقي ۽ استحڪام لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي.